جماعت اسلامي جو حڪومت سازي ۾ پي ٽي آءِ سان سهڪار کان انڪار

پشاور (م ڊ) جماعت اسلامي خيبرپختونخواهه ۾ حڪومت سازي ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) سان سهڪار ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي جماعت اسلامي جي مرڪزي وائيس  چيئرمين لياقت بلوچ چيو ته جماعت اسلامي فيصلو ڪيو آهي ته هو پي ٽي آءِ سان سهڪار نه ڪندي. لياقت بلوچ چيو ته پي ٽي آءِ سان ڳالهيون وفاق ۽ صوبائي حڪومتن سان لاڳاپيل هيون پر پي ٽي آءِ وفاقي سطح تي ڪنهن ٻي پارٽي سان اتحاد ڪيو آهي ان ڪري رڳو خيبرپختونخواهه ۾ پي ٽي آءِ سان اتحاد جو ڪو جواز ناهي.ٻئي پاسي پي ٽي آءِ اڳواڻ بئريسٽر محمد علي سيف خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو ته جماعت اسلامي جي صوبائي اسيمبلي ۾ ڪا به نمائندگي ناهي جنهن ڪري وٽن حڪومت ٺاهڻ جو ڪو جواز ناهي، جماعت اسلامي وٽ رڳو ڪي پي ڪي ۾ آهي.  بئريسٽر سيف وڌيڪ چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف حڪومت ٺاهڻ لاءِ قانوني طريقيڪار کي ڏسي رهي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.