اسلام آباد(م ڊ) ناليواري صحافي صديق ساجد ٽوئيٽر تي لکيو آهي ته اندر جي ڄاڻ رکندڙن جو چوڻ آهي ته مولانا فضل الرحمان مقتدر قوتن کان قومي اسيمبليءَ جون 10 ۽ صوبائي اسيمبليءَ جون 20 سيٽون گهري رهيو هو ۽ سندن ڪلهي تي سوار ٿي اسيمبلين ۾ اچڻ چاهي پيو،سندس ڪارڪردگي زيرو رهي، هاڻي هن جي دعويٰ آهي چونڊن ۾ ڌانڌلي ڪئي وئي. ان ڪري اهي هاري ويا، پر حقيقت ۾ گهربل ووٽ حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام ويومولانا ۽ سندس جماعت دراصل پي ٽي آءِ جهڙي نئين پارٽيءَ ۽ سندن بيانيي جو مقابلو نه ڪري سگهيا