ڪراچي (م ڊ ) ايم ڪيو ايم رابطا ڪاميٽي پاران سرڪلر جاري ڪيو ويو جنهن مطابق ايم ڪيو ايم هڪ پر امن جماعت آهي، هٿيارن جي استعمال يا کڻي هلڻ تي پابندي آهي، هٿيار کڻي هلڻ يا هوائي فائرنگ ۾ جيڪڏهن ڪو ڪارڪن ملوث نڪتو ته ان جي پارٽي مان بنيادي ميمبر شپ ختم ڪئي ويندي.
غيرقانوني ڀرتي ڪيس: پرويز الاهي جي ضمانت منظور
لاهور(م ڊ) لاهور هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ جي مرڪزي صدر ۽ پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير جي خلاف پنجاب اسيمبلي جي پرنسپل سيڪريٽري ڀرتي ڪيس ۾ ضمانت منظور ڪندي پرويز الاهي کي هڪ لک روپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو. ٻڌڻي دوران پرويز الاهي طرفان ايڊووڪيٽ عامر سعيد ۽ فرمان پيش ٿيا.
صدر علوي عمران خان جي قيد ختم ڪري سگهي ٿو؟
اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)سينيئر صحافي عمر چيما چيو آهي ته شهبازشريف جي وزيراعظم بڻجڻ تي ماڻهو خوشي بدران ماتم ملهائي رهيا آهن، نوازشريف جي وزيراعظم نه ٿيڻ تي ن ليگ جا ماڻهو مايوس آهن،صورتحال ايتري سادي ناهي، نواز ليگ مان شين جون ڳالهيون ٿينديون هيون پر هتي ته نون ئي ڪڍي ئي آهي، مولانا فضل الرحمان به ڌانڌلي خلاف سراپا احتجاج آهي،بابر اعواڻ فرمايو آهي ته صدر عارف علوي چاهي ته عمران خان جي سزا معاف ڪري سگهي ٿو، ان کان اڳ صدر رفيق تارڙ ميان نوازشريف کي سزائون معاف ڪيون هيون،ڇا صدر علوي عمران خان جون سزائون معاف ڪري سگهي ٿو؟ آرٽيڪل 45 کيس ان ڳالهه جي اجازت ڏئي ٿو،صدر سزا نه قيد ختم ڪري سگهي ٿو، اهو آرٽيڪل ڪنهن جنگي صورتحال واري مقصد لاءِ بڻايو ويو آهي،