قوم پرستن خلاف ناڪاري رويو رياست جي مفاد ۾ ناهي: جان محمد بليدي

تربت (م ڊ) نيشنل پارٽي جي سيڪريٽري جنرل، صوبائي اسيمبلي 25 ڪچ 1 جي اميدوار جان محمد بليدي، صوبائي اسيمبلي 27 ڪچ 3  جي اميدوار لالا راشد دشتي ۽ صوبائي اسيمبلي 28 ڪچ 4 جي اميدوار مير حمل بلوچ چيو آهي ته قومپرستن خلاف ناڪاري رويو رياست جي مفاد ۾ ناهي. اسٽيبلشمينٽ جي سوچ ۽ حڪمت عملي آهي ته سمورن قومپرستن کي پارليامينٽ کان ٻاهر رکيو وڃي، جڏهن هو نيشنل پارٽي، بي اين پي، پشتونخوا ميپ ۽ ايڇ ڊي پي کي قبول نه ٿا ڪري سگهن ته پوءِ بلوچ هٿياربند تنظيمن سان مفاهمت جو رستو ڪيئن ڳولي سگهندا. چونڊن ۾ ڌانڌلي ۽ عوامي مينڊيٽ جي ڦرلٽ خلاف قانوني ۽ جمهوري جدوجهد جاري رهندي. تربت پريس ڪلب ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي نيشنل پارٽي جي سيڪريٽري جنرل جان محمد بليدي ميڊيا کي مختلف صوبائي ۽ قومي تڪن ۾ جاري ڪيل جعلي فارم 45 ۽ ٻيا دستاويز ڏيکاريا. صوبائي اسيمبلي جي تڪ پي بي 25، 27، 28 ۽ قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 259 گوادر ڪيچ جي حوالي سان نيشنل پارٽي سمورا ثبوت گڏ ڪري اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ۾ دعويٰ داخل ڪري ڇڏي آهي ۽ اليڪشن ڪميشن لاڳاپيل ريٽرننگ آفيسرن کي طلب ڪري ورتو آهي.سندن چوڻ هو ته جيڪڏهن اليڪشن ڪميشن تڪراري پولنگ اسٽيشنن جا اختلافي نتيجا رد ڪري ٻيهر پولنگ جو حڪم ڏئي ته اسان ٻيهر پولنگ لاءِ مڪمل طور تي تيار آهيون، هنن چيو ته معاشي ۽ سياسي بحران ملڪ کي ڏيوالپڻي جي ويجھو آڻي ڇڏيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.