وڏي وزير کي وفاق پاران سنڌ ۾ آفيسرن جي نگراني تي اعتراض، وفاق جي دائري ۾ نه ٿو اچي;مقبول باقر

ڪراچي (رپورٽر ) سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر، نگران وفاقي حڪومت پاران صوبن ۾ مقرر ڪامن ڪيڊرز (PAS/PSP) جي آفيسرن جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺندي اعتراض واريو آهي ته اهو معاملو وفاقي حڪومت جي دائري ۾ نٿو اچي ۽ سپريم ڪورٽ جي حڪمن جي ڀڃڪڙي پڻ آهي. نگران  وزيراعظم صوبن ۾ مقرر وفاق جي سرڪاري آفيسرن جي ابتدائي چارٽ جي تياري لاءِ 10 نقاطي ”براڊ پيرا ميٽرز“ جي منظوري ڏيندي سڀني صوبائي چيف سيڪريٽرين کي هدايت ڪئي آهي ته اهي لاڳاپيل معاملي تي وڌيڪ ضروري ڪارروائي ڪن. وڏي وزير چيو ته نگران وفاقي حڪومت پاران صوبن ۾ مقرر پنهنجي آفيسرن جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺڻ وارو چارٽ سندس مينڊيٽ ۾ نٿو اچي ۽ چارٽ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي هدايتن مطابق ناهي، جيتوڻيڪ پاليسي ساز فيصلا جيڪي بحث هيٺ آهن انهن کي چونڊيل حڪومت لاءِ ڇڏيو وڃي. جسٽس باقر چيو ته آئيني معاملن جو تعلق انهن آفيسرن سان به آهي جيڪي امن امان جا ذميوار آهن جيڪو خالص صوبائي سبجيڪٽ آهن تنهنڪري صوبن جي صلاح مشوري کان سواءِ چارٽ نٿو ٺاهي سگهجي. جسٽس باقر جو چوڻ هو ته اهي پيرا ميٽرز بنا ڪنهن غور ۽ فڪر جي تڪڙ ۾ منظور ڪري تيار ڪيا ويا آهن. وڏي وزير چيو ته اهو معاملو ٻين سان گڏ ان حقيقت کي پڻ پڌرو ٿو ڪري ته اڪثر پيراميٽرز صوبي جي چيف ايگزيڪيوٽو جي انپٽ لاء مهيا نه ڪيا ويندا آهن، تنهنڪري آفيسرن جي احتساب ۽ ڪارڪردگي جو جائزو شفاف نٿو ٿي سگهي. وڏي وزير چيو ته اهي پيراميٽرز سول سروس آف پاڪستان (ڪمپوزيشن اينڊ ڪيڊر) رولز 1954ع جي شقن جي پڻ ڀڃڪڙي ڪن ٿا. هن چيو ته سنڌ حڪومت تفصيلي جواب چونڊيل حڪومت/وڏي وزير جي شموليت کانپوءِ موڪليندي. صوبي ۾ مقرر PAS/PSP آفيسرن لاءِ وزيراعظم پاران منظور ڪيل ابتدائي چارٽ هن ريت آهي: ڪوبه آفيسر جيڪو سڌو صوبي ۾ چيف سيڪريٽري کي رپورٽ ڪري ٿو، بشمول IGP/PPO کي تصديقي صحيحن کان ڇوٽ ڏني ويندي. آءِ جي پي/پي پي او پاران شروع ڪيل PERs کي چيف سيڪريٽري پاران رد ڪيو ويندو، سواءِ آءِ جي پي/پي پي او جي اسٽاف آفيسرن جي AGPE مطابق. گورنر جي پرنسپل سيڪريٽري ۽ وڏي وزير جي پرنسپل سيڪريٽري کي پنهنجو PER چيف سيڪريٽري پاران شروع ڪيو ويندو ۽ لاڳاپيل گورنر يا وڏي وزير پاران تصديقي صحيحون ڪيون ويندون. وڏي وزير جي آفيس جو ايڊيشنل سيڪريٽري ۽ گورنر سيڪريٽريٽ لاڳاپيل پرنسپل سيڪريٽري کان پنهنجو PER شروع ڪندو ۽ چيف سيڪريٽري جي تصديق واري دستخط حاصل ڪندو. اسٽيبلشمينٽ ڊويزن صرف ان صورتن ۾ مخالف ريمارڪس لاءِ اٿارٽي هوندي جتي هٽائڻ جو اختيار وزيراعظم کي هجي. ٻين سمورن معاملن ۾ لاڳاپيل صوبي جي سروسز کاتي کي اهو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. چيف سيڪريٽري ۽ IGP/PPO جي صورت ۾ وزيراعظم کي هٽائڻ جو اختيار هوندو. وڏي وزير کي هٽائڻ جو اختيار فقط ان صورت ۾ هوندو جتي چيف سيڪريٽري رپورٽنگ يا تصديق ڪندڙ دستخط ڪندڙ آفيسر هجي سواءِ IGP/PPO جي. صوبائي اختياريون موجوده شروعاتي چارٽ کي انهن هدايتن موجب نظرثاني ڪنديون. مستقبل ۾ ڪنهن به صوبي کي گهربل ابتدائي چارٽ ۾ وڌيڪ تبديلين لاءِ اسٽيبلشمينٽ ڊويزن جي منظوري جي ضرورت پوندي. صوبا انهن شروعاتي چارٽ کي پنهنجو پاڻ تبديل نٿا ڪري سگهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.