پيپلز پارٽي چونڊ نتيجا خريد ڪيا آهن، احتجاج ڌانڌلي خلاف آهي: پير پاڳارو

ڪراچي (رپورٽر )  جِي ڊي اي جي سربراهه پير پاڳاري چيو آهي ته پيپلز پارٽي چونڊ نتيجا خريد ڪيا آهن، اسان جو احتجاج ۽ ڌرڻو چونڊ نتيجن ۽ ڌانڌلي خلاف آهي.فوج وفاق جي استحڪام جي علامت آهي.جِي ڊي اي جي سربراهه پير پاڳاري سان  سنڌ جي گورنر ڪامران ٽسوري ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.ان موقعي تي پير پاڳاري چيو ته اسان جو احتجاج ڪنهن اداري خلاف نه اليڪشن جي وڪرو ڪرڻ خلاف آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.