اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي مجلس وحدت المسلمين جي ذريعي مخصوص سيٽون حاصل ڪرڻ جي اميد ختم ٿي وئي آهي، اليڪشن ڪميشن جي ذريعن ٻڌايو ته ايم ڊبليو ايم عورتن جي مخصوص سيٽن لاءِ ترجيحي لسٽ جمع ناهي ڪرائي، اليڪشن ايڪٽ 104 تحت ترجيحي لسٽ جمع ڪرائڻ جو وقت به گذري ويو آهي، تاريخ گذرڻ کان پوءِ ترجيحي لسٽ ۾ ڦير ڦار يا اضافو نه ٿو ٿي سگهي، لسٽن ۾ ترجيح تبديلي ڪري سگهجي ٿي ۽ نه ئي ڪنهن نالي کي ڪڍي سگهجي ٿو، پي ٽي آءِ کي الحاق جي باوجود مخصوص سيٽون نه ملي سگهنديون.
لطيف کوسي جو پير پاڳاري سان رابطو،عمران خان جو پيغام پهچايو
ڪراچي (م ڊ) پي ٽي آءِ جي مرڪزي اڳواڻ ۽ لاهور مان نئين چونڊيل قومي اسيمبلي ميمبر سردار لطيف کوسه جي ڊي اي سربراهه سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو ۽ کيس پي ٽي آءِ باني جو پيغام پهچايو، لطيف کوسي پي ٽي آءِ باني پاران 2022ع ۾ وزيراعظم جي خلاف بي اعتمادي رٿ ۾ ووٽ نه ڏيڻ تي جي ڊي اي جو شڪريو به ادا ڪيو، ان موقعي تي ٻنهي اڳواڻن چونڊن کان پوءِ سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ به ڪئي، پي ٽي آءِ ۽ جي ڊي اي سان گڏجي هلڻ جي عزم جو به اظهار ڪيو.