آءِ ايم ايف جي هڪ وڌيڪ شرط تي عمل درآمد، گئس جي اگهن ۾ 67 سيڪڙو واڌ

اسلام آباد (م ڊ) نگران حڪومت عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) جي هڪ ٻي شرط تي عمل ڪندي گيس جي اگهن ۾ ٻيو ڀيرو واڌ جو فيصلو ڪيو آهي. تفصيلن موجب اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) گيس جي اگهن ۾ واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي نئون اگهه پهرين فيبروري 2024ع کان لاڳو ٿيندو. گيس جي قيمتن ۾ واڌ گيس ڪمپنين جي روينيو جي ضرورتن موجب ڪئي ويندي. پيٽروليم ڊويزن گئس جي اگهن ۾ 67 سيڪڙو واڌ جي تجويز ڏني هئي، جنهن تحت گهريلو واهپيدارن لاءِ گئس جي اگهن ۾ سڀ کان وڌيڪ واڌ جو مطالبو ڪيو ويو هو. هڪ سال دوران گئس جي اگهن ۾ هي ٽيون ڀيرو واڌ ڪئي وئي آهي.هوڏانهن  ناڻي واري وزارت انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ (آءِ ايم ايف) کان وڌيڪ 6 ارب ڊالر قرض وٺڻ جي تياري ڪري ورتي آهي. ذريعن موجب ناڻي واري وزارت آءِ ايم ايف کان قرض وٺڻ لاءِ نئون پروگرام تيار ڪري ورتو آهي، نئون پروگرام ٽن سالن لاءِ هوندو ۽ ان کي ايڪسٽينڊڊ فنڊ سهولت پروگرام چيو ويندو. آءِ ايم ايف سان نئين قرض جي پروگرام لاءِ ڳالهيون ٻئي اقتصادي جائزي ۾ ٿينديون، آءِ ايم ايف کان 6 ارب ڊالرن تائين جي قرض جي نئين پروگرام جي درخواست ڪئي ويندي. ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب نئين قرض پروگرام تحت بجلي ۽ گيس وڌيڪ مهانگي ڪئي ويندي، مختلف شعبن کي ڏنل سبسڊي مرحليوار ختم ڪئي ويندي. مختلف شعبن کي ٽيڪسن جي مد ۾ ڏنل رعايت به ختم ڪئي ويندي.

اضافي بل موڪلڻ تي بجلي ڪمپنين کي نوٽيس جاري ڪنداسين: نيپرا

اسلام آباد (م ڊِ) نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي واهپيدارن کي اضافي بل موڪلڻ جي معاملي تي بجلي جي ورهائيندڙ ڪمپنين ( ڊسڪوز) جي جوابن کي غير تسلي بخش قرار ڏيندي شوڪاز نوٽيس جاري ڪرڻ جو  فيصلو ڪري ورتو، هلندڙ مالي سال جي ٻئي ٽه ماهي ايڊوجسٽمينٽ جي ٻڌڻي دوران نيپرا عملدارن ٻڌايو ته بجلي ڪمپنين اضافي بل موڪلڻ تي پنهنجا جواب ڏنا، جيڪي غير تسلي بخش آهن، ڪمپنين کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪنداسين ۽ هن معاملي کي هڪ مهيني اندر اڪلائينداسين، واضح رهي ته ڊسمبر 2023ع جي شروع ۾ نيپرا جي رپورٽ ۾ وڌيڪ بلنگ جي حوالي سان جاچ رپورٽ ۾ چيو ويو هو ته ملڪ جون بجلي ورهائيندڙ ڪمپنيون واهپيدارن کان سئو سيڪڙو تائين وڌيڪ چارجز وصول ڪري  رهيون آهن

گئس جي اگهن ۾ واڌ: سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي ميمبرن جو احتجاج

اسلام آباد (م ڊ) سينيٽ جي ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي ميمبرن گئس جي اگهن ۾ واڌ تي احتجاج ڪيو. تفصيلن موجب سينيٽ جي ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس سينيٽر سليم مانڊوي والا جي صدارت  هيٺ ٿيو، اجلاس ۾ سينيٽر سعديه عباسي چيو ته گئس جو بل هڪ لک رپين تائين پهچي ويو آهي. هن وڌيڪ چيو ته عام ماڻهو لاءِ گئس جا بل ادا ڪرڻ مشڪل ٿي ويو آهي، عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) جي دٻاءُ سبب گئس ۽ بجلي جا بل وڌي رهيا آهن. سينيٽر ڪامل علي آغا سوال ڪيو ته ڇا هن ملڪ کي آءِ ايم ايف کي هلائڻ گهرجي؟ ان تي سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين سليم مانڊوي والا چيو ته گئس جي اگهن ۾ واڌ جو ناڻي واري وزارت سان ڪو به تعلق ناهي، پيٽروليم ڊويزن گئس جي اگهن ۾ واڌ کي ڏسي رهي آهي. ان تي سينيٽر ڪامل علي آغا چيو ته اهي سڀئي گڏ ٿيل آهن.

اپٽما گئس جي قيمتن ۾ امڪاني واڌ کي رد ڪري ڇڏيو

لاهور (م ڊ) آل پاڪستان ٽيڪسٽائل ملز ايسوسي ايشن (اپٽما) حڪومت طرفان گئس جي اگهن ۾ امڪاني واڌ کي رد ڪري ڇڏيو. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اپٽما جي عملدارن چيو ته هڪ سال ۾ گئس جي اگهن ۾ 246 سيڪڙو اضافو ڪيو ويو آهي، جيڪڏهن حڪومت ان  مسئلي تي ڌيان نه ڏنو ته صنعتون بند ڪري ڇڏينداسين. هن چيو ته ٽيڪسٽائيل انڊسٽري رڳو 3 کان 4 سيڪڙو مارجن تي ڪاروبار ڪري ٿي، سڄي دنيا ۾ گئس جا اگهه گهٽجي ويا آهن، جڏهن ته اسان جي ملڪ ۾ 60 کان 70 سيڪڙو صنعتون قيمتن ۾ واڌ سبب بند ٿيڻ جي ڪناري تي پهچي ويون آهن،  اپٽما جي ريجنل چيئرمين ڪامران ارشد چيو ته هن وقت گيس جو اگهه 2900 رپيا في ايم بي ٽي يو تي پهچي ويو آهي، اهڙي صورتحال ۾ صنعت نٿي هلي سگهي، حڪومت بجلي جي ساڳي شرح ڏيڻ جو اعلان به ڪيو هو پر اڄ تائين ان تي عمل ناهي ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.