اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي مرڪزي ترجمان فيصل ڪريم ڪنڊي علي امين گنڊاپور جي وڏي وزير جي نامزدگي تي سوال اٿاري ڇڏيا آهن. جاري ڪيل بيان ۾ فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته ڇا 9 مئي ۾ ملوث ماڻهو خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير جو اميدوار بڻجي سگهن ٿا؟ ڇا 9 مئي جهڙي وڏي سانحي ۾ ملوث ڪردارن کي اهڙي ريت عزت ڏني ويندي؟ بيان موجب علي امين گنڊاپور کي خيبرپختونخواهه جو وڏو وزير ۽ ميان اسلم کي پنجاب جو وڏو وزير نامزد ڪرڻ وڏو سواليه نشان آهي. جيڪڏهن اهڙي صورتحال رهي ته 9 مئي ۾ ملوث شخص وزيراعظم جو اميدوار به ٿي سگهي ٿو. فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته اسان کي ٻڌايو ويو ته 9 مئي جي سازش ڪندڙن ۽ ملوثن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.