ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري حر جماعت ۽ فنڪشنل مسلم ليگ جي سربراهه صبغت الله شاهه پير پاڳاري سان فون تي رابطو ڪري کيس ملڪي صورتحال ۾ مفاهمتي ڪردار ادا ڪرڻ جي اپيل ڪري ڇڏي آهي، گورنر ڪامران ٽيسوري پير پاڳاري کي ملڪ جي سماجي ۽ معاشي صورتحال کي بهتر بڻائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ جي درخواست ڪندي چيو ته سڄي دنيا جون نظرون هن وقت پاڪستان تي آهن. هن چيو ته ملڪ ڪيترن ئي بحرانن جو شڪار آهي، پنهنجي والد وانگر ڪنگري هائوس جا دروازا کوليو ۽ مفاهمتي ڪردار ادا ڪريو،هوڏانهن گورنر ڪامران خان ٽيسوري امير جماعت اسلامي سراج الحق سان فون تي رابطو ڪري استعيفيٰ واپس وٺڻ جي اپيل ڪئي آھي.گورنر چيو ته ملڪ جي سياسي ۽ معاشي صورتحال ۾ بهتري جي لاءِ ڪردار ادا ڪريو،هن وقت سڄي دنيا جون نظرون اسان تي آهن، هن چيو ته اهو وقت آهي اسان ملڪ جي مفاد خاطر هڪ هڪ قدم پوئتي هٽون، سڀني سياستدانن تي ملڪ جي استحڪام لاء ڪم ڪرڻ جي وڏي ذميواري آھي. ٻئي طرف گورنر ڪامران خان ٽيسوري، عالم دين مفتي تقي عثماني ۽ مفتي منيب الرحمان سان فون تي رابطو ڪري ٻنهي مفتين کي ملڪ جي سياسي صورتحال ۾ بهتري لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ جي اپيل ڪئي آھي.