پ پ علي امين جي وڏي وزير طور نامزدگي تي سوال اٿاري ڇڏيا

اسلام آباد (م  ڊ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي مرڪزي ترجمان فيصل ڪريم ڪنڊي علي امين گنڊاپور جي وڏي وزير جي نامزدگي تي سوال اٿاري ڇڏيا آهن. جاري ڪيل بيان ۾ فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته  ڇا 9 مئي ۾ ملوث ماڻهو خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير جو اميدوار بڻجي سگهن ٿا؟  ڇا 9 مئي جهڙي وڏي سانحي ۾ ملوث ڪردارن کي اهڙي ريت عزت ڏني ويندي؟ بيان موجب  علي امين گنڊاپور کي خيبرپختونخواهه جو وڏو وزير ۽ ميان اسلم کي پنجاب جو وڏو وزير نامزد ڪرڻ وڏو سواليه نشان آهي. جيڪڏهن اهڙي صورتحال رهي ته 9 مئي ۾ ملوث شخص وزيراعظم جو اميدوار به ٿي سگهي ٿو. فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته  اسان کي ٻڌايو ويو ته 9 مئي جي سازش ڪندڙن ۽ ملوثن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.