پ پ جي چال تي نواز ليگ وائڙي،ڪمزور حڪومت،25 ڪروڙ عوام جو ڇا ٿيندو؟

اسلام آباد(م ڊ) سينئر صحافي طلعت حسين لکيو آهي ته پيپلز پارٽيءَ جي اعلان کانپوءِ واضح ٿي ويو آهي ته مسلم ليگ (ن) ”اقليتي حڪومت“ ٺاهيندي، جنهن جي تقدير هر روز ٻين پارٽين جي هٿن ۾ آهي. اڪثريت واري حڪومت کي ڇڏي ڏيو، اتحادي حڪومت به نه ٺهي،ڪهڙي گورننس هوندي؟ پاليسي ڇا هوندي؟  اسٽيبلشمينٽ معاملا سنڀاليندي ۽ ن ليگ هر وقت لڏندڙ ڪرسي هوندي،صحافي ابصار عالم چيو ته حڪومتي وهنوار ڏينهون ڏينهن هلندو، پ پ هڪ ڏينهن حمايت ڪندي، ٻئي ڏينهن حمايت ختم ڪندي، اهم آئيني عهداوٺي ڇڏيندي،وفاقي وزارتن ۾ جيڪي ڪم هوندا اهي سڀ کان پهرين پ پ ايم اين ايز جا ٿيندا،نواز ليگ رات ڏينهن ڪوشش ڪندي پ پ ۽ ايم ڪيو ايم کي هر وقت خوش رکجي،گورنر سنڌ پ پ جو هوندو ته مون کي افسوس آهي ته اسٽيبلشمينٽ ۽ سياستدانن پنهنجي ضد ۽ ٻاراڻي سان ملڪ کي اهڙي هنڌ آڻي بيهاريو آهي جو عوام نه جي سگهندو نه مري سگهندو، ”مهربان“ جيڪڏهن ڏکويل آهن ته انهن ملڪ ۾ هي ڪهڙي راند کيڏي آهي،پهرين 2022ع ۾ غلطي ڪئي،پوءِ 2023 ۽ هاڻي 2024ع ۾ جيڪي غلطيون ڪيون ويون انهن جا نتيجا ته اچي ويا آهن،هن چيو ته بلاول پڪيون نوڪريون پاڻ وٽ رکيون ۽ ڪچيون نوڪريون نواز ليگ حوالي ڪري ڇڏيون، اسٽيبلشمينٽ، عدليه، ميڊيا ۽ حڪمران اشرافيه ملڪ کي اهڙي هنڌ تي بيهاريو آهي جو 25 ڪروڙ عوام پنهنجي قسمت تي روئي رهيو آهي،صحافي ڪامران خان ٽوئيٽ ڪيو ته ويچاري نوازليگ بي پناهه مونجهاري جو شڪار آهي، نوازشريف ڪري ته ڇا ڪري، پهرين چونڊ شڪست تي جشن فتح برپا ڪيو هاڻي زرداري صاحب جي گول گول جليبي جي آڇ نواز ليگي فيصلاسازن جي دماغ جا تاڪ لوڏي ڇڏيا،حامد مير چيو ته پ پ ايئن نه ڪري جو نواز ليگ کي وزارت عظميٰ جي ڪرسي تي چاڙهي هيٺيان ڏاڪڻ ڇڪي وٺي،اڪيلي نواز ليگ بار نٿي کڻي سگهي،شاهزيب خانزاده چيو ته پ پ حڪومتي فيصلن تي نظر رکڻ لاءِ ن ليگ کي مشڪل ۾ وجهي ڇڏيو آهي، صدر سميت سمورا آئيني عهدا به پ پ وٺڻ ۾ ڪامياب ٿي سگهي ٿي،محسن بيگ لکيو ته مرڪز ۾ تمام ڪمزور حڪومت هوندي،ان وٽ اختيار هوندا نه قانون سازي ٿي سگهندي،بار بار بليڪ ميل ٿيندي، پ پ صدر سميت سمورا آئيني عهداوٺڻ چاهي ٿي،مظهر عباس چيو ته اسان تمام گهڻي بي يقيني ۽ غيرمستحڪم نظام ڏانهن وڌي رهيا آهيون،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.