وفاق ۾ن ليگ، پ پ ۽ ٻين جماعتن پاران گڏيل حڪومت ٺاهڻ جو اعلان\نواز شريف پاران شهباز وزيراعظم ۽ مريم پنجاب جي وزيراعليٰ نامزد

اسلام آباد (م ڊ) مسلم ليگ ن ، پ پ، ايم ڪيو ايم، ق ليگ، استحڪام پاڪستان پارٽي ۽ بلوچستان عوامي پارٽي اتحادي حڪومت ٺاهڻ جو اعلان ڪيو آهي. اسلام آباد ۾ ق ليگ سربراهه چوڌري شجاعت حسين جي رهائشگاهه تي ملڪي سياسي جماعتن جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ آصف زرداري، شهباز شريف، خالد مقبول صديقي ۽ صادق سنجراڻي شرڪت ڪئي. اجلاس کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو ته گڏجي حڪومت ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو آهي، چاهيون ٿا ته مصالحت جي عمل ۾ پي ٽي آءِ به شامل ٿئي، اسان جي نظرياتي مخالفت ناهي. هن چيو ته ملڪ جي مفاد ۾ معاشي ايجنڊا تي سڀني کي هڪ ٿيڻو پوندو، اليڪشن ۾ مخالفت ٿيندي آهي پر گڏجي اڳتي وڌڻو پوندو. ان موقعي تي آصف علي زرداري پاڪستان کپي جو نعرو به هنيو. ن ليگ صدر شهباز شريف چيو ته هڪٻئي خلاف بيان بازي جو مرحلو ختم ٿي ويو، هاڻ پارليامينٽ وجود ۾ اچڻ واري آهي، معيشت کي پيرن تي بيهارڻو آهي، پنهنجا اختلاف ختم ڪري قوم کي اڳتي وٺي وڃڻو آهي. هن چيو ته چونڊن ۾ جنهن جو جيڪو مينڊيٽ آيو آهي، ان کي تسليم ڪيون ٿا، پ پ ن ليگ کي ووٽ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ان تي سندن ٿورائتا آهيون. سندس چوڻ هو ته جيڪي هتي آيا آهن، انهن سڀني جا ٿورائتا آهيون، اچو ته ميثاق معيشت کي اڳتي وڌايون، اختلاف ختم ڪيون، جيڪڏهن پي ٽي آءِ وٽ اڪثريت آهي ته اها اچي، اسان سڀني جو احترام ڪيون ٿا. شهباز شريف چيو ته پي ڊي ايم حڪومت ملڪ کي ڏيوالي کان بچايو، نواز شريف کي درخواست ڪندس ته وزيراعظم جو عهدو قبول ڪري. خالد مقبول صديقي چيو ته اڳ به شهباز شريف جو ساٿ ڏنو هو، هاڻ به ڏينداسين، سڀ گڏجي ملڪ کي بهتر صورتحال ڏانهن وٺي وينداسين. صادق سنجراڻي چيو ته اسان ميان صاحب سان گڏ بيٺا هئاسين ۽ بيٺا آهيون. هوڏانهن مريم اورنگزيب چيو ته ميان نواز شريف ملڪ جي وزيراعظم لاءِ شهباز شريف کي ۽ پنجاب جي وڏي وزير لاءِ مريم نواز کي نامزد ڪيو آهي. هن چيو ته ميان نواز شريف سمجهي ٿو ته هو حڪومت کان ٻاهر رهي به شهباز شريف ۽ مريم جي رهنمائي ڪندو رهندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.