اورنگي ٽائون ڦر واقعو، ايس ايس پي جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا وارنٽ جاري

ڪراچي (رپورٽر)جڊيشل مجسٽريٽ اولهه جي عدالت اورنگي ٽائون ۾ واپاري جي گهر تي پوليس پاران مبينا ڦر جو ڪيس  ۾ عدالت ايس ايس پي عمران قريشي جا ناقابل ضمانت وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن .عدالت جاچ آفيسر پاران پيش ڪيل حتمي چالان رد ڪري ڇڏيوآهي .چالان ۾ جاچ آفيسر ڪيس سي ڪلاس تحت ختم ڪرڻ جو چيو هو.حتمي چالان ۾ چيو ويو ته درخواستگذار غلط فهمي جي بنياد تي ڪيس داخل ڪرايو هو. فريادي ڪيس خارج ڪرڻ چاهين ٿا، حتمي چالان۾ چيو ويو آهي ته  ان بنياد تي ڪيس کي سي  ڪلاس ۾ ختم ڪيو وڃي. عدالت چالان ۾ جاچ آفيسر جو موقف رد ڪري ڇڏيو. عدالت پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته ڪيس رڳو جاچ آفيسر جي موقف جي بنياد تي ختم نٿو ڪري سگهجي. عدالت چيو ته ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي سيشن ڪورٽ ۾ ٿيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.