لطيف کوسي صدر کي عمران جي آزادي جي اپيل ڪري ڇڏي

لاهور(م ڊ)  پي ٽي آءِ اڳواڻ لطيف کوسي صدر کي عمران خان جي فوري آزادي جي اپيل ڪري ڇڏي آهي. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي لطيف کوسا چيو ته جيڪڏهن نواز شريف هارايو آهي ته شڪست تسليم ڪرڻ ۾ شرم ڇو ٿو محسوس  ڪري ، اسان ووٽن سان ظلم جو بدلو ورتو آهي، فارم 45 موجب اسان وٽ 170 اميدوار کٽي رهيا آهن، جيڪڏهن مخصوص سيٽون به شامل ڪيون وڃن ته انگ 200 کان مٿي ٿيندو. لطيف کوسا صدر پاڪستان کان مطالبو ڪيو ته پي ٽي آءِ جي باني کي فوري طور تي آزاد ڪيو وڃي، ماڻهن چيو ته پي ٽي آءِ جو باني نه باغي آهي ۽ نه ئي ڏوهاري، پي ٽي آءِ جي باني جي فوري طور تي آزادي جي اپيل ڪئي وڃي.

جماعت اسلامي جي پي ٽي آءِ طرفان حڪومت ٺاهڻ لاءِ رابطي جي تصديق

پشاور (م ڊ ) جماعت اسلامي پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) طرفان حڪومت ٺاهڻ لاءِ ڪيل رابطن جي تصديق ڪري ڇڏي آهي. جماعت اسلامي جي وقتي امير لياقت بلوچ سان پي ٽي آءِ جي مرڪزي اڳواڻ بئريسٽر گوهر خان،   سينيٽر اعظم خان ۽ علي امين گنڊاپور رابطو ڪيو آهي. پشاور مان جاري ڪيل بيان ۾ لياقت بلوچ چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ حڪومت ٺاهڻ بابت پي ٽي آءِ قيادت سان ڳالهيون ڪيون آهن. هن چيو ته جماعت اسلامي ان حوالي سان هاڪاري جواب ڏنو آهي، هاڻي اهو پي ٽي آءِ قيادت جو ڪم آهي ته هو ڪهڙي طرف وڃن. لياقت بلوچ وڌيڪ چيو ته حڪومت ٺاهڻ بابت ڪو به حتمي فيصلو ناهي ٿيو، پي ٽي آءِ سان 3 ڏينهن کان رابطا جاري آهن. جماعت اسلامي جي ذريعن موجب لياقت بلوچ ۽ پي ٽي آءِ قيادت سان رابطي ۾ ملڪ جي سياسي صورتحال تي تفصيلي مشاورت ڪئي وئي.

حڪومت دوران عوام جون اميدون پوريون ڪرڻ ڏکيو آهي: مصطفيٰ ڪمال

ڪراچي ( رپورٽر ) ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته اقتدار ۾ هئڻ ڪري عوام جون اميدون پوريون ڪرڻ مشڪل آهن، چئلينجز تمام گهڻا آهن، ان ڪري هن وقت اقتدار اهم شيءِ ناهي. هڪ بيان ۾ مصطفيٰ  ڪمال چيو ته اقتدار ۾ رهڻ وقت عوام جي اميدن تي پورو لهڻ ڏاڍو ڏکيو آهي، ملڪ جي اهڙي صورتحال ناهي ته ڪا هڪ پارٽي ملڪ کي مسئلن مان ڪڍي سگهي، هن وقت اقتدار اهم شيءِ ناهي، ڪيترائي چئلينج آهن. هن وڌيڪ چيو ته ايم ڪيو ايم 5 مهينا اڳ آئيني ترميم جو مسودو متعارف ڪرايو ھو، اسان کان 3 آئيني ترميمون گھريون ويون ھيون. مصطفيٰ ڪمال چيو ته سنڌ حڪومت ۾ اهڙا ماڻهو ناهن، جن سان ڳالهه ٻولهه ممڪن هجي، اهو ئي سبب آهي جو اسان اڃا تائين اهو نه سوچيو آهي ته پيپلز پارٽي سان ڳالھيون ٿي سگھن ٿيون يا نھ، اسان سان تلخيون وڌي رھيون آهن، اسان انهن سان ڳالهائڻ جي پوزيشن ۾ ناهي. ايم ڪيو ايم اڳواڻ وڌيڪ چيو ته اسان وٽ فارم 45 ۽ فارم 47 آهي، اسان وٽ چونڊون کٽڻ جا سمورا ثبوت موجود آهن.

درخواستون رد ناهن ٿيون، عدالت اي سي پي سان رابطي جو چيو آهي: جبران ناصر

ڪراچي (رپورٽر)تحريڪ انصاف جي وڪيل جبران ناصر چيو آهي ته اسان جون درخواستون رد ناهن ٿيون پر سنڌ هاءِ ڪورٽ اليڪشن ڪميشن کي هدايتون جاري ڪيون آهن ته اسان جي اعتراضن تي غور ڪري شڪايتون ختم ڪيون وڃن. عدالت ۾ ٻڌڻي بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي جبران ناصر چيو ته اسان کي اليڪشن ڪميشن تي خدشا آهن. سنڌ هاءِ ڪورٽ ان سان رابطي جو حڪم ڏنو آهي، اسان وري به اليڪشن ڪميشن کان اميد ڪيون ٿا ته اهي پاڻ تي لڳل الزامن جا داغ هن دفعو ڌوئيندا.

سنڌ هاءِ ڪورٽ حليم عادل کي وڌيڪ ڪيسن ۾  گرفتار ڪرڻ  کان روڪي ڇڏيو

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ پوليس کي حليم عادل شيخ کي عدالت جي اجازت کان سواءِ روڪي ڇڏيو،  جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو پڇاڻو ڪيو ته ٻڌايو وڃي ته  وڌيڪ ڪيترائي ڪيس داخل ڪيا آهن، ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل موقف  ڏيندي ٻڌايو ته حليم عادل شيخ جي خلاف ڪل 21 ڪيس داخل آهن، انور منصور ايڊووڪيٽ موقف ڏيندي ٻڌايو ته  عدالت 3 ڀيرا حليم  عادل شيخ کي نون  ڪيسن ۾ گرفتار ڪرڻ کان روڪي چڪي آهي، انور منصور ايڊووڪيٽ ٻڌايو ته  هڪي ڪيس ۾  ضمانت وٺون ٿا ته ڪنهن ٻئي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو وڃي ٿو، حليم عادل شيخ جي خلاف 2 ڪيس اي ٽي سي ۾ داخل آهن، انور منصور ايڊووڪيٽ ٻڌايو ته حليم عادل شيخ جي ڪيسن م ذمانت  ٿي چڪي هئي کيس ٻيهر گرفتار ڪيو ويو، انور منصوب ايڊووڪيٽ چيو ته مان وڪيل جي حيثيت سان 40، 45 سالن جي زندگي ۾ ناهي ڏٺو، جيئن هاڻي ٿي رهيو آهي، پوليس  ان حد تائين هلي ويندي سوچي به نٿو سگهجي، جنهن کي وڻي ٿو گرفتار ڪري وٺي ٿو، جنهن کي چاهين ٿا گم ڪري ڇڏين ٿا.

انور منصور ايڊووڪيٽ چيو ته آرٽيڪل 9 ۽ 10 ڪيڏانهن ويو آهي، عوام کي تحفظ ڪير ڏيندو، عدالتون اسان جي مدد ڪن عوام کي تحفظ ڏين، راج واحد علي ايڊووڪيٽ موقف ڏيندي چيو ته عدالتي حڪمن  جو مزاق اڏايو پيو وڇي. حليم عادل شيخ 19 ڪيسن ۾ ضمانت وٺي چڪو هو، وڌيڪ ٻن ڪيسن ۾ گرفتاري ڪئي وئي، انور منصور ايڊووڪيٽ موقف ڏيندي چيو ته عدالتي حڪمن جو مزاق اڏائڻ تي آءِ جي سنڌ ۽ جيل سپريٽنڊنٽ جي خلاف توهين عدالت جي درخواست داخل ڪنداسين، عدالت حليم عادل شيخ جي خلاف پوليس کي وڌيڪ نوان ڪيس داخل ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو، عدالت پوليس کي عدالت جي اجازت کان سواءِ حليم عادل شيخ کي گرفتار ڪرڻ کان  روڪي ڇڏيو، عدالت  3 هفتن ۾ پوليس ۽ ٻين کان اڳڀرائي رپورٽ گهري ورتي.

حافظ نعيم جي آجيان، چيف اليڪشن ڪمشنر استعيفيٰ ڏئي: پي ٽي آءِ

ڪراچي ( رپورٽر ) پاڪستان تحريڪ انصاف( پي ٽي آءِ) جي ترجمان امير جماعت اسلامي ڪراچي حافظ نعيم الرحمان جي پريس ڪانفرنس جي آجيان ڪندي چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن عوام جي ووٽن جي مينڊيٽ جي شفافيت ۾ گندگي ڀري ڇڏي آهي، چيف اليڪشن  ڪمشنر به عوام جي مينڊيٽ جي تقدس جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي، پي ٽي آءِ ترجمان وڌيڪ چيو ته سڪندر سلطان راجا ۽ ڪميشن ميمبر فوري طورتي پنھنجن عھدن تان استعيفيٰ ڏين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.