علي امين ڪي پي جو وڏو وزير نامزد:ن ليگ،پ پ،متحده سان اتحاد نه ڪنداسين: عمران خان

راولپنڊي (م ڊ) پي ٽي آءِ باني عمران خان، علي امين گنڊاپور کي خيبر پختونخواهه جو وڏو وزير نامزد ڪري ڇڏيو.اڊيالا جيل ۾ صحافين سان غير رسمي گفتگو ڪندي عمران خان چيو ته ن ليگ، پ پ  ۽ ايم ڪيو ايم سان ڪو اتحاد نه ٿيندو، انهن کانسواءِ سڀني جماعتن سان ڳالهائڻ جي هدايت ڪئي آهي. حسن رئوف کي چيو  آهي ته انهن 3 پارٽين کانسواءِ سڀني کي متحد ڪيو وڃي،عمران خان چيو ته چونڊن ۾ ڌانڌلي سان ملڪ ۾ عدم استحڪام وڌندو، ڌانڌلي سان ملڪي معيشت تي خراب اثر پوندا، مان چوندو رهيو ته آزاد ۽ شفاف چونڊون ئي واحد حل آهن.عمران خان چيو ته سڀ کان پهريان چونڊ نتيجن کي چئلينج ڪري رهيا آهيون، نتيجن خلاف سپريم ڪورٽ ۾ به وينداسين. هاڻي خبر پئي ته اسان آراو جي اليڪشن  خلاف ڇو هئاسين.هن واضح ڪيو ته جيل ۾ ڪنهن به اعليٰ آفيسر سان ملاقات ناهي ٿي.بني گالا منتقلي کي رد ڪندي عمران خان هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته پيپلز پارٽي، ن ليگ ۽ ايم ڪيو ايم سان اتحاد نٿو ٿي سگهي.هن چيو ته ملڪي تاريخ ۾ اهڙي دھاندلي ڪڏهن به نه ٿي آهي. نوازشريف جي پريس ڪانفرنس ملتوي ٿيڻ کانپوءِ سمجهي ويو ته اسان کٽي ويا آهيون، نواز شريف ۽ مريم نواز ٻئي اليڪشن هارائي ويا آهن.عمران خان وڌيڪ چيو ته عاليه حمزه جيل ۾ ويهي هڪ لک کان وڌيڪ ووٽ کنيا.هن چيو ته جن کي آندو ويو آهي، اهي سڀ کان وڏي مني لانڊرر آهن، چونڊن سان ملڪ ۾ معاشي استحڪام ايندو آهي پر هنن چونڊن سان ملڪ ۾ معاشي عدم استحڪام ايندو.هڪ سوال جي جواب ۾ عمران خان چيو ته خيبر پختونخواهه جو وڏو وزير علي امين گنڊاپور هوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.