سنڌ انارڪي ڏانهن وڌي رهي آهي، چيف جسٽس تڪراري چونڊن جو نوٽيس وٺي: جي ڊي اي

ڪراچي (رپورٽر) گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائينس جي سربراھ پير صاحب پاڳاري جو آواز سنڌ جو آواز آھي،16 فيبروري تي سنڌ جو لکن جي تعداد ۾ عوام حيدرآباد ڄامشورو باءِ پاس تي احتجاجي ڌرڻي ۾ شريڪ ٿيندو،چيف جسٽس آف پاڪستان فراڊ چونڊن جو پاڻمرادو نوٽيس وٺي چونڊ  نتيجا رد ڪري ٻيھر چونڊون ڪرائڻ جو حڪم ڏئي،سنڌ ۾ جي ڊي اي جي اڳواڻن ،ڪارڪنن ۽ ھمدردن خلاف دھشتگردي جا ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا پيا وڃن نگران حڪومت هوش کان ڪم وٺي.اھڙن خيالن جو اظھار جي ڊي اي جي سيڪريٽري ڊاڪٽر صفدر عباسي ،اڳوڻي وڏي وزير لياقت علي جتوئي،سردار عبدالرحيم ،حسنين مرزا،نند ڪمار گوڪلاڻي ۽ ٻين گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو،اڳواڻن چيو ته پير صاحب پاڳاري پريس ڪانفرنس وسيلي گھڻو ڪجھ واضح ڪري ڇڏيو آهي،چونڊون پوري دنيا م مشڪوڪ ٿي چڪيون آھن ،دنيا جو حڪومتون فراڊ اليڪشن کي مڃڻ لاءِ تيار ناھن،54 سيٽن تي زرداري اھو ڪجهھ گھري پيو جيڪو ممڪن ناھي،نوازشريف ان کان وڌيڪ گھري رھيو آھي،نئين ٺھندڙ حڪومت مشڪوڪ ھوندي،پيپلز پارٽي سنڌ جي عوام طرفان رد ٿيل جماعت آھي انھن کي ايترا ووٽ ملڻ پاڻ سواليه نشان آھي،سنڌ جا پڙھيل لکيل نوجوان اديب،دانشور،صحافي سنڌ کي بچائڻ لاءِ 16 فيبروري تي حيدرآباد جامشورو بائي پاس تي احتجاجي ڌرڻي ۾ ضرور شامل ٿي سسٽم کي رد ڪرڻ لاءِ پنھنجو ڪردار ادا ڪن،هنن چيو ته  سنڌ انارڪي ڏانهن وڃي پئي.سنڌ جون سموريون سياسي جماعتون جي يو آءِ ،جماعت اسلامي،پي ٽي آءِ ۽ ٻيون فراڊ چونڊن کي رد ڪري چڪيون آهن ، نثار دراني زرداري جو ايجنٽ آهي،اڳواڻن چيو ته اليڪشن ڪالعدم قرار ڏئي ٻيھر چونڊون ڪرايون وڃن،16 فيبروري ٿي لڳندڙ ڌرڻو تاريخي ثابت ٿيندو،ايم ڪيو ايم ۽ ن ليگ سان اتحاد برقرار رکڻ لاءِ رابطو ڪيو ويو آهي پر انھن طرفان ڪوبه جواب نه آيو آھي،هنن چيو ته جي ڊي اي جا ٻئي ايم پي اي اسيمبلي جو حلف ن کڻندا،جعلي مينڊيٽ وسيلي سنڌ کي تباھ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، ھنن چيو ت پ پ ٻڌائي ته انھن ڪھڙي ڪارڪردگي ڏيکاري آھي،پيئڻ لاءِ صاف پاڻي ناھي،اسپتالن ۾ ڊاڪٽر ۽ دوائون اڻلڀ آھن،زراعت لاءِ پاڻي موجود ناھي پوري سنڌ کنڊر بڻيل آھي پر ان باوجود انھن ڪيئن اڪثريت حاصل ڪئي آهي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.