ايم اين اي عرفان لغاري، سندس ڀاءُ ۽ چاچي خلاف دهشتگردي جو ڪيس داخل

ميھڙ: بي سيڪشن ٿاڻي تي سرڪار پاران ايس ايڇ او بي سيڪشن محمد انور لغاري جي فرياد تي تازو عام چونڊن ۾ قومي  تڪ اين اي 227 تان چونڊيل ايم اين اي عرفان ظفر لغاري سندس ڀاءُ اڳوڻي ايم اين اي عمران ظفر لغاري ۽ چاچي ٽائون ڪاميٽي سيتا جي چيئرمين قمبر لغاري سميت 200 اڻڄاتل ماڻھن خلاف دھشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو.ڪيس ۾ فريادي موقف اختيار ڪيو آھي ته جوابدارن پاڪ آرمي جي ڊگري ڪاليج واري ڪئمپ ۽ آر او آفيس مٿان فائرنگ ڪري دھشتگردي ڪئي ۽ ھنگامو ڪيو. ڪيس ۾ دھشتگردي جا قلم پڻ لڳايا ويا آھن.

پاڪ فوج ۽ آر او آفيس مٿان فائرنگ واري واقعي ۾ نظر پنھور سميت وڌيڪ 4 ڄڻا گرفتار

ميھڙ : پوليس پاڪ فوج ۽ آر او آفيس مٿان فائرنگ واري واقعي ۾ پ پ يوٿ تعلقه صدر نظر پنھور سميت وڌيڪ چئن ڄڻن  کي گرفتار ڪري ورتو آھي گرفتار ٿيل چارئي جوابدار عرفان لغاري ۽ قمبر لغاري جا گارڊ آھن جڏھن ته گرفتار ٿيلن جو تعداد 7 ٿي ويو آھي ھوڏانھن سوشل ميڊيا تي عرفان ظفر لغاري ۽ قمبر لغاري جي ميھڙ پوليس پاران آزاد ڪرڻ جون ڳالھيون گردش ڪرڻ لڳيون آھن. رابطي تي ايس ايڇ او بي سيڪشن محمد انور لغاري پاران سوشل ميڊيا تي ھلندڙ افواھن کي ڪوڙو قرار ڏيندي چيو ته گرفتار سمورن جوابدارن خلاف قانون موجب ڪاروائي ڪئي ويندي ۽ ڪيس ۾ ڄاڻايل وڌيڪ جوابدارن کي به گرفتار ڪيو ويندو.

ايم ڪيو ايم باني کي دل سان معاف ڪيان ٿو: مصطفيٰ ڪمال

ڪراچي (م ڊ) متحده قومي موومينٽ پاڪستان جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته اڄ باني ايم ڪيو ايم کي دل سان معاف ڪريان ٿو. ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم پاڪستان جي جلسي کي خطاب ڪندي مصطفيٰ ڪمال چيو ته 8 سال اڳ قوم جي نالي تي جيڪو ڪجهه ٿيندو هو، ان جو قوم کي جواب ڏيڻو پوندو هو، اڄ اهو ئي جناح گرائونڊ آهي، جتان پاڪستان ۽ پاڪستانين جي ڳالهه ٿي رهي آهي. هتي وڃڻ کان پوءِ انسان، انسان جو دوست ٿي ويندو، ڪنهن کي مارڻ ڳالهه نه ٿيندي. مصطفيٰ ڪمال چيو ته سڄو پاڪستان طعنا ڏيندو هو ته هي شهر ۽ مينڊيٽ ايم ڪيو ايم پاڪستان جو ناهي، هيلو جو آواز ايندو سڀ ڪجهه لٽجي ويندو، ڪراچي واسين ٻڌائي ڇڏيو ته ڪالهه به ڪراچي ايم ڪيو ايم پاڪستان جو هو ۽ اڄ به آهي. ايم ڪيو ايم اڳواڻ چيو ته اڄ مان ايم ڪيو ايم جي باني کي دل جي گهراين سان معاف ڪريان ٿو، اڄ رب مون کي ۽ منهنجي پارٽي کي فتح ڏني آهي، هڪ ڏينهن ايندو جڏهن سڄي سنڌ ايم ڪيو ايم جي جهنڊي هيٺ ايندي.

وڏي وزير پاران لاڙڪاڻي ۾ رتوڇاڻ جو نوٽيس، رپورٽ طلب

لاڙڪاڻو :  نگران سنڌ جي وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر لاڙڪاڻي ۾ ٿيل رتو ڇاڻ جو نوٽيس وٺندي آءِ جي سنڌ کان ترت رپورٽ گهري ورتي، آءِ جي ٻڌايو ته لاڙڪاڻو جي علائقي نئون ديرو باءِ پاس ويجهو ٻن گروپن جي وچ ۾ فائرنگ ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ ماهوٽا ٿاڻي جو پوليس  اهلڪار اي ايس آءِ سلطان شاهه فائرنگ  ۾ شهيد ٿي ويو، جهيڙي دوران فائرنگ ۽ لٺيون لڳڻ سان ڊي ايس پي سميت ڪيترائي اهلڪار زخمي ٿيا، پوليس موجب ڏاهاڻي ۽ چانڊيا برادري سياسي مخالف آهن، جنهن تي ووٽ ڏيڻ جي معاملي تي فائرنگ ٿي، واقعي تي اطلاع تي پهتل ڊي ايس پي بشير شر، اي ايس آءِ سلطان  شاهه سميت اهلڪارن کي لٺيون ۽ گوليون هنيون ويون. علائقي جي صورتحال ڇڪتاڻ واري آهي ۽ پوليس اٽالا علائقي ۾ پهچي ويا آهن، پوليس مطابق ٻنهي گروپن ۾ فائرنگ جي اطلاع تي پوليس ٽيم  ٿڌي تي پهتي هئي، جهيڙي ۾ گوليون ۽ لٺيون لڳڻ سان ڊي ايس پي ۽ واٽهڙو سميت ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي پيا، شهيد اي ايس آءِ سلطان شاهه ڊيوٽي تي موجود هو، جنهن تي تشدد به ڪيو ويو.

سڀ کان وڌيڪ ووٽ ملتان ۾ رد ٿيا: مهربانو قريشي

ملتان(م ڊ) اڳوڻي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جي  ڌيءَ مهربانو قريشي جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ رد ٿيل ووٽن جو انگ سڀ کان وڌيڪ ملتان ۾ آهي. پي ٽي آءِ جي حمايت يافته اميدوار تيمور ملڪ سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي هن  چيو ته آر او کي ڪالهه ٻيهر ڳڻپ جي درخواست ڪئي وئي هئي.مهر بانو قريشي چيو ته اسان جي حساب سان خارج ٿيل ووٽن جو انگ 4 هزارن جي لڳ ڀڳ آهي، فارم 45 ۽ فارم 47 ۾ ڪو به فرق نٿو ٿي سگهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.