ڪي پي ۾ نوازشريف،فضل الرحمان،سراج الحق شڪست کائي چڪا

پشاور(م ڊ) خيبرپختونخواهه ۾ عام چونڊن دوران ڪيترن ئي وڏن سياستدانن کي شڪست ملي آهي. آزاد اميدوارن جي هٿان ڪيترن  ئي اڳواڻن کي شڪست جو منهن ڏسڻو پيو.قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 15 مانسهره مان اڳوڻو وزيراعظم ميان نوازشريف پي ٽي آءِ حمايت يافته آزاد اميدوار شهزاد گستاسپ هٿان شڪست کائي ويو جڏهن ته 2013 ۽ 2018 جي عام چونڊن ۾ اها سيٽ پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي اميدوارن کٽي هئي.مردان ۾ اڳوڻي وڏي وزير امير حيدر خان هوتي کي آزاد اميدوار عاطف خان وڏن ووٽن تان شڪست ڏني. صوبي ۾ اي اين پي جي ناڪامي تي امير حيدر هوتي پارٽي عهدو به ڇڏي ڏنو آهي.هوڏانهن جي يو آءِ(ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان کي ڊيره اسماعيل خان جي پنهنجي اباڻي تڪ تان شڪست کي منهن ڏيڻو پيو. کيس علي امين گنڊاپور  وڏن ووٽن تان شڪست ڏني. بيرسٽر گوهر علي خان بونير ۾ وڏي ووٽن تان جماعت اسلامي جي بخت جهان خان کي شڪست ڏني.چارسده مان  اڳوڻي وڏي وزير آفتاب احمد خان شير پائو ۽ اي اين پي جي صوبائي صدر ايمل ولي خان کي به چونڊن ۾ پنهنجن مخالفن کان شڪست ملي. اڳوڻو وڏو وزير پرويز خٽڪ به شڪست کائيندڙن ۾ شامل آهي. کيس نوشهره مان قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي سيٽن تي پي ٽي آءِ جي حمايت يافته اميدوارن شڪست ڏني.ان کان علاوه اين اي 4 سوات مان اڳوڻي وڏي وزير محمود خان کي پي ٽي آءِ جي حمايت يافته آزاد اميدوار سهيل سلطان جي هٿان شڪست کي منهن ڏيڻو پيو. لوئر دير مان جماعت اسلامي جو امير سراج الحق به قومي اسيمبلي جي سيٽ نه کٽي سگهيو. جڏهن ته اين اي 32 پشاور مان عوامي نيشنل پارٽي جي   سينئر سياستدان غلام احمد بلور کي آزاد اميدوار آصف خان شڪست ڏئي ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.