عوام اسٽيبلشمينٽ خلاف فيصلو ٻڌائي ڇڏيو،عدليه ڏوهه ۾ شريڪ جوابدار نه بڻجي: مصطفيٰ نواز

اسلام آباد(م ڊ) نوازليگ جي ناراض اڳواڻ محمد زبير چيو آهي ته ووٽ کي عزت ڏيو بيانئي ۾ اثر هو پر ان کي پٺتي ڪيو ويو، ن ليگ کي سڀ ڪجهه مليو پوءِ به اليڪشن ۾ ناڪام ٿي وئي، هڪ نجي ٽي وي سان ڳالهيون  ڪندي هن چيو ته پي ٽي آءِ کي ڪريڊٽ ڏيڻو پوندو،ن ليگ بري طريقي سان ناڪام وئي، منفرد اليڪشن هئي، هڪ پارٽي پورا جلسا به نه ڪيا ۽ چونڊن ۾ کٽي وئي، عوام کي خوف آهي ته ٻيهر مهانگائي ٿيندي، رپئي جو ملهه ڪرندو، سياسي عدم استحڪام وڌندو، پي ڊي ايم جي حڪومت ناڪام وئي،نگران حڪومت دوران معيشت ڪجهه بهتر ٿي،پوري دنيا اليڪشن نتيجن تي ٺٺول ڪري رهي آهي، نئون وزيراعظم ڪهڙي منهن سان اعتماد جو ووٽ وٺندو هن چيو ته چيف جسٽس انٽرا پارٽي چونڊن ۾ ته نوٽيس ورتو پر جيڪو عام چونڊن ۾ بي ضابطگيون ٿيون انهن تي نوٽيس وٺندو؟ مصطفيٰ نواز کوکر چيو ته نوازشريف کي سمجهڻ گهرجي ته سندس جن اميدوارن کي کٽرايو پيو وڃي، ماڻهن ۾ نفرت وڌي ويندي، عوام جو فيصلو تسليم ڪرڻ گهرجي، مان اليڪشن ۾ پنهنجي شڪست تسليم ڪئي آهي، سڀني کي خبر آهي ته چونڊ نتيجا تبديل ڪيا پيا وڃن، اسان تاريخ مان ڪو به سبق ناهي سکيو، 2018ع ۽ اڄ جي چونڊ نتيجن جا سنگين نتيجا نڪرندا، بلوچستان ،ڪي پي ۾ ڳڻتي جوڳيون حالتون آهن، پي ٽي آءِ جي هڪ آزاد ايم اين اي مريم نواز سان ملاقات ڪري ن ليگ ۾ شموليت اختيار ڪئي آهي، کيس ان ڳالهه جو مينڊيٽ نه مليو هو، ايندڙ حڪومت جي ڪا به قانوني حيثيت نه هوندي، غيرمقبول حڪومت جيڪڏهن غيرمقبول فيصلا ڪندي ته پوءِ ڇا عوام مٺائي ورهائيندو؟ خلق خدا جي آواز جو احترام نه ڪيو ويو ته سنگين بحران جنم وٺندا، هوڏانهن هڪ ٽوئيٽ ۾ مصطفيٰ نواز کوکر چيو ته اسان ان ڳالهه تي جيتري مرضي چادر غلاف چاڙهيون پر عوام اسٽيبلشمينٽ خلاف فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي، عوام جي مرضي آڏو ڪنڌ جهڪائڻو پوندو نه ته چونڊ نتيجا تبديل ڪرڻ وڌيڪ بحرانن کي جنم ڏيندا،عدالتن کي به جرم ۾ شريڪ ٿيڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.