اسلام آباد(م ڊ) فيصل واوڊا چيو آهي ته سڀ کان پهرين اهو پتو ڪرڻو پوندو ته پاڪستان هن حالت ۾ ڪيئن پهتو؟ ملڪ ۾ اهو ئي ٿيندو جيڪو اڄ تائين ٿيندو رهيو آهي، هڪ نجي ٽي وي سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته اليڪشن 2024ع کي جڊيشل سليڪشن چوندس، اهو ڪير آهي جنهن نوازشريف کي سندس گهرواري جي تدفين لاءِ ملڪ اچڻ نه ڏنو، ان” ڪير“ کي قوم کي ڳولڻو پوندو، اهو ڪير آهي جنهن رات 12 وڳي پي ٽي آءِ حڪومت کي پابند بڻايو ته هيٺ لهو؟ اهو ڪير آهي جنهن بليڪ لا ڊڪشنري ايجاد ڪري نوازشريف کي نااهل ڪيو،فارم 45 کٽڻ واري ۽ هارائڻ واري ٻنهي وٽ آهي،اهو ڪير آهي جنهن آئين ۽ قانون جي ٺيڪيداري جو حلف کنيو آهي ۽ هاڻي ذميواري ملڻ کانپوءِ چپ ڪري ويٺل آهي،فارم 45 تي ڪجهه فيصلا اچي ويندا، باقي تي چڻا نان کائو، آر او جا فيصلا وڏي انگ ۾ چئلينج ٿي رهيا آهن،هن چيو ته نئين حڪومت ٻه کان اڍائي سال مس هلي سگهندي، نوازشريف کي چوٿون ڀيرو وزيراعظم بڻائي به ڇڏيو ته اهو ڦٽاڪو 16 مهينن ۾ ڦاٽي پوندو، مهانگائي،ڊالر عروج تي هوندو، عوام جو گذارو ڪيئن ٿيندو؟ ڏيڍ سال کانپوءِ ملڪ ۾ حقيقي جمهوريت بحال ٿيندي، نوازشريف وزيراعظم بڻيو ته مريم نواز پنجاب جي وزيراعليٰ ٿيندي، هن چيو ته 60 آزاد ميمبرن جو ملهه لڳي ويو آهي