ڪراچي(م ڊ)اڳوڻي وفاقي وزير علي زيدي بلاول ڀٽو کي پنهنجي بيان تي قائم رهڻ جو مشورو ڏنو آهي.هڪ بيان ۾ علي زيدي چيو آهي ته بلاول کي اتحاد نه ڪرڻ واري بيان تي قائم رهڻ گهرجي.واضح رهي ته چونڊن کان اڳ آمريڪي نشرياتي اداري سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو چيو ته پيپلز پارٽي جو مسلم ليگ ن سان اتحاد ڏکيو آهي، هاڻي مسلم ليگ ن سان گڏ وڃڻ منهنجي لاءِ تمام ڏکيو آهي. .
پي ٽي آءِ جي سياست جو نئون دور شروع ٿي ويو: علي محمد خان
پشاور(م ڊ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ علي محمد خان چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي سياست جو نئون دور شروع ٿي ويو آهي.پنهنجي هڪ بيان ۾ علي محمد چيو ته ڪاميابي الله جي حڪم ۽ ڪارڪنن جي محنت سان ملي آهي، پي ٽي آءِ جي باني جي ئي فتح ٿيندي.هن چيو ته ڪارڪن اڄ کان پوءِ ڪنهن به ايم اين اي يا ايم پي اي کي ڪميشن وٺڻ نه ڏين، جيڪڏهن ڪنهن ايم پي اي ڪرپشن يا ناانصافي ڪئي ته ڪارڪن ان خلاف ٻاهر نڪرندا.علي محمد جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن اسيمبلي ميمبر ٺيڪيدار کان 25 سيڪڙو ورتا ته پوءِ ان جو احتساب ٿيڻ گهرجي.