حڪومت سازي لاءِ رابطا،شهباز وزيراعظم،آصف زرداري صدر ۽ بلاول پرڏيهي وزير؟

اسلام آباد (م ڊ) ملڪ ۾ عام چونڊن لاءِ پولنگ کانپوءِ نتيجا اچڻ جو سلسلو مڪمل ٿي ويو ۽ سڀني  قومي اسيمبلي سيٽن جا نتيجا سامهون اچي ويا آهن.عام چونڊن جي غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجن موجب قومي اسيمبلي ۾ تحريڪ انصاف جا حمايت يافته اميدوار 93 سيٽن سان سڀني کان اڳتي آهن، جڏهن ته ن ليگ 75 ۽ پ پ 54 سيٽون حاصل ڪيون آهن.ان کانسواءِ ايم ڪيو ايم پاڪستان 17، ٻين آزاد اميدوارن 8، جمعيت علماءِ اسلام 4، ق ليگ 3، استحڪام پاڪستان پارٽي ۽ بلوچستان نيشنل پارٽي 2-2 سيٽون حاصل ڪيون آهن،پشتونخوا ملي عوامي پارٽي، مسلم ليگ ضيا، نيشنل پارٽي، پشتونخوا نيشنل عوامي پارٽي پاڪستان، بلوچستان عوامي پارٽي ۽ مجلس وحدت المسلمين هڪ – هڪ سيٽ حاصل ڪئي.

لاهور (م ڊ) ن ليگ ۽ پ پ سياسي سهڪار تي متفق ٿي ويا،بلاول هائوس لاهور ۾ ن ليگ صدر  شهباز شريف اڳوڻي صدر آصف علي زرداري، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ حڪومت سازي تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.شهباز شريف ۽ آصف زرداري جي ملاقات جي گڏيل پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته ٻنهي جماعتن جي اڳواڻن اتفاق ڪيو ته سياسي عدم استحڪام کان ملڪ کي بچائينداسين.پڌرائيءَ ۾ چيو ويو ته عوام جي اڪثريت اسان کي مينڊيٽ ڏنو آهي، عوام کي مايوس نه ڪنداسين.گڏيل پڌرائيءَ موجب ن ليگ جي تجويزن کي پ پ جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي اجلاس ۾ رکيو ويندو.ن ليگ وفد ۾ اعظم نذير تارڙ، اياق صادق، احسن اقبا، راڻا تنوير، خواجا سعد رفيق، ملڪ احمد خان، مريم اورنگزيب ۽ شزا فاطمه شامل هئا، نجي ٽي وي موجب نواز ليگ پ پ کي وفاقي حڪومت ۾ شموليت جي آڇ ڪري ڇڏي، ليگي وفد چيو ته وزيراعظم ن ليگ جو هوندو، آصف علي زرداري چيو ته بلاول کي پ پ جي سي اي سي وزيراعظم لاءِ نامزد ڪري چڪي آهي،ميثاق جمهوريت جي روشني ۾ 5 سالن جي روڊ ميپ تي ڳالهيون ڪيون ويون،وفاق،پنجاب ۽ بلوچستان ۾ حڪومتون ٺاهڻ تي اتفاق ڪيو ويو، جڏهن ته وزيراعظم لاءِ اڌ ٽرم لاءِ نواز ليگ ۽ اڌ ٽرم لاءِ پ پ جي وزيراعظم جي امڪانن جو به جائزو ورتو ويو، ان کان اڳ خالد مقبول صديقي جي اڳواڻي ۾ ايم ڪيو ايم جي وفد لاهور ۾ ميان نوازشريف سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ مريم نواز، خواجا سعد رفيق، مريم اورنگزيب،فاروق ستار، ڪامران ٽيسوري ۽ مصطفيٰ ڪمال شريڪ هئا، جڏهن ته خالد مقبول صديقي ڪراچي پهچڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ن ليگ جي قيادت سان حڪومت سازي، معاهدي ۽ مطالبن بابت خبرون درست ناهن، حڪومت سازي بابت ڪي به ڳالهيون شروع ناهن ٿيون، بلڪه پاڪستان کي درپيش بحران ۽ مسئلن مان نڪرڻ لاءِ گڏيل سهڪار تي ڳالهيون ٿيون.

لاهور ( عوامي آواز نيوز ) فيصلو ٿي چڪو، وزير اعظم شهباز شريف ٿيندو، بلاول ڀٽو زرداري پرڏيهي وزير،  آصف زرداري صدر، پنجاب جي وڏ وزات مريم نواز حوالي ٿيندي ۽ بلوچستان ۾ حڪومت جو وڏو حصو مولانا فضل الرحمان کي ملندو، ڪي پي ڪي ۾ پي ٽي آءِ ئي حڪومت ٺاهيندي، مولانا فضل الرحمان وفاقي ڪابينا ۾ نه هوندو، ايم ڪيو ايم کي وزارتون ملنديون،سينئر صحافي مبشر لقمان سان گڏ سندس يوٽيوب چيئنل تي وي لاگ ۾ ڳالهائيندي صحافي مزمل سهروردي چيو ته مون وٽ اطلاع آهن وزير اعظم نواز يا شهباز شريف ٿيندو، ن ليگ ۽ پيپلز پارٽي هڪ ڪابينا ۾ ويهڻ لاءِ تيار نه آهن. مزمل سهروردي چيو ته جيڪڏهن بلاول وزير اعظم ٿيندو ته ن ليگ ڪا به وزارت نه وٺندي ۽ ووٽ ڏئي ٻاهر ويهندي ۽ جيڪڏهن شريف خاندان جو ڪو وزير اعظم هوندو ته پيپلز پارٽي وٽ ڪا به وزارت نه هوندي، اها ڳالهه واضح آهي ته ٻئي پارٽيون گڏجي حڪومت هلائڻ جي موڊ ۾ نه آهن. مزمل سهروردي وڌيڪ چيو ته ايم ڪيو ايم ۽ آزاد اميدوارن ن ليگ کي ڏنا پيا وڃن، ن ليگ ڪوشش پئي ڪري ته پيپلز پارٽي جي مدد کانسواءِ ئي انگ پورو ڪيو وڃي  جيڪڏهن ووٽ پورا نٿا ٿين ته مرڪز ۾ حڪومت نه وٺجي رڳو پنجاب ۾ وڏ وزارت وٺي ٻاهر ويهجي جڏهن ته سنڌ جو گورنر ساڳيو ئي ايم ڪيو ايم جو ڪامران ٽسوري هوندو. مبشر لقمان چيو ته آصف زرداري ۽ بيئرسٽر گوهر جي اسلام آباد ۾ ملاقات رٿيل آهي، جنهن تي رد عمل ڏيندي مزمل سهروردي چيو ته اهو ن ليگ حق ۾ آهي ۽ ن ليگ چاهي ٿي ته پيپلز پارٽي ۽ پي ٽي آءِ گڏجي حڪومت ٺاهن. مزمل سهروردي موجب شاهد خاقان عباسي، مفتاع اسماعيل، مصطفيٰ نواز کوکر، محمد زبير، محمد علي دراني ۽ ٻيا گڏجي نئين سياسي پارٽي ٺاهڻ پيا وڃن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.