اسلام آباد ۾ بلاول ڀٽو جي آمريڪي سفير رچرڊ اولسن سان ملاقات

اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان آمريڪي سفير رچرڊ اولسن ملاقات ڪئي آهي. ذريعن موجب بلاول ڀٽو زرداري ۽ آمريڪي سفير وچ ۾ ملاقات اسلام آباد ۾ ٿي. ذريعن جو چوڻ آهي  ته ملاقات ۾ بلاول ڀٽو زرداري مستقبل جي حڪومت سازي سميت چونڊ عمل تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ذريعن ٻڌايو آهي ته پيپلز پارٽي ۽ سفارتي ذريعن ان ملاقات جي تصديق ڪئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.