لاهور (م ڊ) پ پ جي چيئرمن بلاول ڀٽو زرداري عاصمه جهانگير جي ورسي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته عاصمه جهانگير آئين، انساني حقن، رواداري ۽ جمهوريت بابت ان جي بي لوث دلچسپي تي خراب عقيدت پيش ڪريان ٿو هن چيو ته عاصمه جهانگير جي فڪري ۽ عملي ورثو هڪ منصفاڻو ۽ برابري تي قائم معاشري لاءِ اسان جي جدوجهد ۾ شامل رهندو ٻئي پاسي پاڪستان پيپلز پارٽي پاران جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ۾ انساني حقن جي علمبردار، جمهوريت ۽ انساني حقن خاطر جدوجهد ڪندڙ عاصمه جهانگير کي پاڪستان پيپلز پارٽي سندس ڇهين ورسي تي خراج عقيدت پيش ڪري ٿي.