ميهڙ (رپورٽ فراز چنا) مهيڙ ۾ سڪيورٽي اهلڪارن تي فائرنگ جي الزام ۾ قومي اسيمبلي جي سيٽ تي پيپلز پارٽي جي ڪامياب اميدوار عرفان ظفر لغاري کي حراست ۾ ورتو ويو. فائرنگ جو واقعو ڇنڇر ۽ آچر جي وچ ۾ ٽيڪنيڪل ڪاليج ميهڙ جي ٻاهران پيش آيو. قومي اسيمبلي جي سيٽ تي پ پ جي ڪامياب اميدوار عرفان ظفر لغاري ۽ ٽائون ڪميٽي سيتا جي چيئرمين قمبر لغاري کي به سيڪيورٽي اهلڪارن تي فائرنگ جي الزام ۾ حراست ۾ ورتو ويو. پوليس موجب گرفتار جوابدارن خلاف حڪومت جي فرياد تي دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، ايف آءِ آر ۾ عمران ظفر لغاري سميت 200 اڻڄاتل ماڻهو به شامل آهن. جڏهن ته اڳوڻو ايم اين اي عمران ظفر لغاري پوليس وٽ پيش نه پيو آهي. ھوڏانھن ميھڙ ڊگري ڪاليج ٻاھران وڏي تعداد ۾ نفري مقرر ڪئي وئي آھي ۽ علائقي ۾ سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا آھن.