لاهور(م ڊ) عام چونڊن 2024 ۾ ڪامياب ٿيندڙ قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي 8 آزاد اميدوارن مسلم ليگ(ن) ۾ شموليت جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.پي ٽي آءِ جي پهرين آزاد ميمبر وسيم قادر مريم نواز سان ملاقات ڪري نواز ليگ ۾ شموليت اختيار ڪري ورتي، اين اي 48 تان آزاد اميدوار راجه خرم نواز، اين اي 54 تان آزاد اميدوار بيرسٽر عقيل ملڪ ۽ اين اين 146 تان چونڊيل آزاد اميدوار پير ظهور حسين قريشي مسلم ليگ(ن) ۾ شامل ٿي ويو آهي.ٻئي طرف قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 189 تان آزاد اميدوار سردار شمشير مزاري، اين اي 253 تان آزاد اميدوار بيرسٽر ميان خان بگٽي ۽ پنجاب جي تڪ پي پي 48 تان آزاد اميدوار خرم ورڪ، تڪ پي پي 49 مان آزاد اميدوار رانا محمد فياض ۽ پي پي 240 تان آزاد اميدوار محمد سهيل مسلم ليگ(ن) ۾ شموليت اختيار ڪري ورتي.