آر او دادو، ايس ايس پي ۽ آرمي آفيسرن جي پ پ اڳواڻن سان بند ڪمري ۾ ملاقات

ميھڙ : گذريل رات دير سان پ پ پ اڳواڻن ۽ مقامي ڪارڪنن پاران مونو ٽيڪنيڪل ڪاليج ۽ ڊگري ڪاليج ڀرسان آر او آفيس ٻاھران ھل  ھنگامو ڪري سوشل ميڊيا تي ويڊيو ھلائي ۽ الزام ھنيو ھيو ته سرڪاري ادارن جي ماڻھن ۽ ڪجھه پرائيويٽ ماڻھو مبينا بيلٽ باڪس چوري ڪري رھيا آھن. جنھن بعد ڇڪتاڻ وڌي وئي ۽ علائقي ۾ فائرنگ پڻ ٿي. پيپلزپارٽيءَ جا مقامي اڳواڻ تازو چونڊيل ايم اين اي عرفان لغاري، ايم پي اي فياض علي ٻٽ، پ پ ضلع صدر رفيق جمالي، ضلع جنرل سيڪريٽري غلام دستگير ڳورڙ ، قمبر خان لغاري، شير افضل جانوري ۽ وڏي انگ ۾ پارٽي ڪارڪن آر او آفيس ٻاھران پھتا ۽ ڇڪتاڻ وڌي وڃڻ بعد ڊي آر او دادو فياض حسين راھوجو ، ايس ايس پي دادو شبير سيٺار ۽ پاڪ آرمي جا آفيسرن پھچي چڪتاڻ جو جائزو ورتو ۽ پيپلزپارٽيءَ جي مقامي اڳواڻن سان ڪيترائي ڪلاڪ بند ڪمرن ۾ ميٽنگ ڪري واقعي بابت تفصيل ورتا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.