ڪوئيٽا (م ڊ) اڳوڻي سينيٽر لشڪري رئيساڻي چيو آهي ته جعلي چونڊون قبول نه آهن، رياست کي بند گهٽي ۾ ڌڪيو ويو. ڪوئيٽا ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي لشڪري رئيساڻي چيو ته حڪومت عوام جي راءِ بدران بند ڪمرن ۾ فيصلن ذريعي ٺاهي ويندي آهي. هن دعويٰ ڪئي ته ڪالهه مون کي پيغام ڏنو ويو ته توهان کي ٻيهر سيٽ ڏني ويندي، ان تي مون جعلي سسٽم جو حصو ٿيڻ کان انڪار ڪيو. لشڪري رئيساڻي وڌيڪ چيو ته اسان جعلي اليڪشن کي قبول نه ٿا ڪريون، رياست کي تباهي ڏانهن ڌڪيو ويو آهي.