اتر وزيرستان: احتجاج دوران فائرنگ ۾ محسن داوڙ زخمي، 3 پوليس اهلڪار شهيد

ميران شاهه (م ڊ) اتر وزيرستان جي علائقي ميران شاهه ۾ چونڊ نتيجن ۾ دير جي خلاف احتجاج دوران فائرنگ جي نتيجي ۾ اڳوڻو قومي اسيمبلي ميمبر ۽ اين ڊي ايم جو اڳواڻ محسن داوڙ زخمي ٿي پيو،  جڏهن ته 3 پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويا. تفصيلن موجب موجب مڇريل ماڻهن سڪيورٽي ايجنسي جي ڪئمپ ٻاهران هڙتال ڪئي، جنهن دوران شرپسندن جي فائرنگ سبب 3 پوليس اهلڪار شهيد ۽ محسن داوڙ زخمي ٿي پيو. پوليس ۽ مظاهرين هڪ ٻئي تي فائرنگ جو الزام لڳايو، محسن داوڙ ۽ ٻين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.عام چونڊن ۾ محسن داوڙ قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 40 تان اميدوار هو. ليڪشن ڪميشن جي ويب سائيٽ تي جاري ڪيل نتيجن موجب قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 40 مان جميعت علماءِ اسلام (ف) پاڪستان جو اڳواڻ مصباح الدين 42 هزار 994 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو جڏهن ته محسن داوڙ 32 هزار 768 ووٽ حاصل ڪيا آهن. جماعت اسلامي جي سينيٽر مشتاق احمد محسن داوڙ تي فائرنگ جي سخت مذمت ڪندي سپريم ڪورٽ کان واقعي جو نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي. هن ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ لکيو ته اتر وزيرستان ۾ چونڊ ڌانڌلي خلاف احتجاج دوران پوليس جي فائرنگ ۾ محسن داوڙ ۽ ٻيا زخمي ٿي پيا. سينيٽر مشتاق احمد چيو ته اهو واقعو انتهائي افسوسناڪ ۽ مذمت جوڳو آهي، محسن داوڙ ۽ سندس ساٿين لاءِ دعاگو آهيون. ان کان علاوه اڳوڻي وفاقي وزير شيرين مزاري به محسن داوڙ تي فائرنگ جي مذمت ڪئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.