ڪراچي ( رپورٽر) اين اي 241 تان پيپلز پارٽي جي مرزا اختر بيگ جي ڪاميابي کي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو ويو، آزاد اميدوار ايڊووڪيٽ جاويد چھتاری پاران نتيجن خلاف درخواست داخل ڪئي وئي، درخواستگذار چيو ته اليڪشن ڪميشن پاران جاري ڪيل 47 فارم کي ڪالعدم قرارڏنووڃي. عدالت اليڪشن ڪميشن کي ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ ڪرائڻ جو حڪم ڏئي، اليڪشن ڪميشن کي مرزا اختر بيگ جي ڪاميابي جو نوٽيفڪشن جاري نه ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي.
پي ايس 98 جي اميدوار جان شير جوڻيجو پاران چونڊ نتيجا چئلينج
ڪراچي(رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ صوبائي اسيمبلي جي تڪ پي ايس 98 جي اميدوار جان شير جوڻيجو چونڊ نتيجن کي چئلينج ڪري ڇڏيو. درخواستگذار جان شير جوڻيجو داخل درخواست ۾ چيو آهي ته فارم 45 موجب مون کي 12 هزار 1 سئو 67 ووٽ مليا آهن. ايم ڪيو ايم جي اميدوار ارسلان پرويز کي 17 سو 72 ووٽ مليا آهن. درخواستگذار جان شير جوڻيجو داخل درخواست ۾ چيو ته فارم 47 موجب ايم ڪيو ايم جي اميدوار ارسلان پرويز کي ڪامياب قرار ڏنو ويو آهي. عدالت کي درخواست آهي ته فارم 47 ڪالعدم قرار ڏنو وڃي ۽ داخل درخواست تي تڪڙي ٻڌڻي ڪئي وڃي.
ڪراچي جي بنگلي ۾ قتل ٿيل علي ڪيريو جي ڪيس ۾ گرفتار جوابدار عدالت ۾ پيش
ڪراچي (رپورٽر)جڊيشل مئجسٽريٽ ڏکڻ جي عدالت ۾ ڊفينس بنگلي ۾ جج جي پٽ علي ڪيريو جي قتل ڪيس۾ گرفتار جوابدار دانيال کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، عدالت جوابدار کي 5 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو. عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي جاچ آفيسر کان اڳڀرائي رپورٽ به طلب ڪري ورتي.جاچ آفيسر جو چوڻ هو ته جوابدار وٽان غير قانوني هٿيار پڻ هٿ ڪيو ويو، جوابدار عدالت ۾ پنهنجي بيان ۾ چيو ته گولي ڄاڻي واڻي نه پر اتفاقي طور فائر ٿي، پوليس موجب درخشان ٿاڻي تي قتل جو قلم 302 تحت ڪيس داخل ٿيل آهي قاسم، احمر ۽ علي ڪيريو دانيال جي بنگلي تي موجود هئا، دانيال منهن ماري تان علي ڪيريو کي گوليون هڻي زخمي ڪيو هو، زخمي ٿيل علي کي ڪلفٽن جي اسپتال ۾ دانيال ۽ سندس ڀاءُ پهچايو. علي ڪيريو اسپتال ۾ زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو هو.
سنڌ هاءِ ڪورٽ جو سينئر جج جسٽس نديم اختر 14 فيبروري تي رٽائرڊ ٿيندو
ڪراچي ( رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جو سينيئر جسٽس نديم اختر 14 فيبروري تي رٽائر ٿي ويندو، جسٽس نديم اختر فل ڪورٽ ريفرنس 15 فيبروري تي ٿيندي.جسٽس نديم اختر 14 فيبروري تي رٽائر ٿي ويندو، فل ڪورٽ ريفرنس ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جی چیف جسٽس ۔سموراجج سميت بار جا ٻيا عھدیدار به شرڪت ڪندا. جسٽس نديم اختر 18 ڊسمبر 1986ع تي قانون جي پريڪٽس شروع ڪئي، جسٽس نديم اختر کي 20 مارچ 2012 تي سنڌ هاءِ ڪورٽ جو جج مقرر ڪيو ويوھو.