اين اي 64 گجرات جو نتيجو روڪيو ويو، چوڌري سالڪ طالب

اسلام آباد (م ڊ) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان (اي سي پي) ريٽرننگ آفيسر کي قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 64 گجرات 3 جو حتمي  نتيجو جاري ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو. اليڪشن ڪميشن هن تڪ تان آزاد اميدوار قيصره الاهي جي درخواست تي لکت ۾ حڪم جاري ڪيو. اليڪشن ڪميشن مسلم ليگ (ق) جي اڳواڻ چوڌري سالڪ حسين کي 15 فيبروري تي طلب ڪري ورتو. اليڪشن ڪميشن اين اي 64 گجرات جي رٽرننگ آفيسر کان 3 ڏينهن ۾ جواب طلب ڪري ورتو آهي. اليڪشن ڪميشن آر او کي قيصره الاهي يا سندس وڪيل جي موجودگي ۾ فارم 47 تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اليڪشن ڪميشن جي حڪم ۾ چيو ويو آهي ته ڊي پي او گجرات ان ڳالهه کي يقيني بڻائي ته فارم 47 ۾ ڪا به رڪاوٽ پيدا نه ٿئي. اليڪشن ڪميشن چيو ته رٽرننگ آفيسر قيصره الاهي جا خدشا ٻڌي انهن کي حل ڪري.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.