پي ٽي آءِ کي ووٽ مليا، ايم ڪيو ايم ڪٿان آئي: جماعت اسلامي

ڪراچي (رپورٽر )  امير جماعت اسلامي ڪراچي حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته ڪراچي ۾ جماعت اسلامي ۽ پي ٽي آءِ کي ووٽ مليا،  ايم ڪيو ايم ڪٿان آئي، پي ٽي آءِ جي مينڊيٽ جو ڪيس به وڙهنداسين. اليڪشن ڪميشن جي صوبائي آفيس ٻاهران جماعت اسلامي ۽ تحريڪ انصاف جي احتجاجي مظاهري کي خطاب ڪندي حافظ نعيم الرحمان چيو ته فارم 45 موجب ايم ڪيو ايم قومي اسيمبلي جي ڪنهن به سيٽ تي 10 هزار ووٽ به حاصل نه ڪيا آهن.حافظ نعيم الرحمان چيو ته اليڪشن ۾ عوام جي مينڊيٽ تي قبضو ڪيو ويو، پنهنجو مينڊيٽ واپس وٺڻ لاءِ هر قسم جي جنگ وڙهنداسين، پوئتي نه هٽنداسين، قانوني ۽ پرامن احتجاج ڪنداسين. امير جماعت اسلامي ڪراچي وڌيڪ چيو ته هو نوجوانن کي مايوس ڪرڻ چاهين ٿا، ڪراچي جي عوام ايم ڪيو ايم جو وجود ئي ختم ڪري ڇڏيو آهي، عزت کي زبردستي نه ٿو روڪي سگهجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.