شيخ رشيد 9 مئي جي ڪيس ۾ اڊيالا جيل مان آزاد

راولپنڊي(م ڊ) راولپنڊي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي حڪم تي شيخ رشيد 9 مئي جي ڪيس ۾ اڊيالا جيل مان آزاد ٿي ويو. دهشتگردي ٽوڙ  خاص عدالت جي جج ملڪ آصف شيخ رشيد کي 2 لک روپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي. مچلڪا جمع ڪرائڻ تي شيخ رشيد جي آزاديءَ جو پروانو جاري ڪيو ويو. ساڳي عدالت 9 مئي واقعن جي 12 ڪيسن ۾ پي ٽي آءِ باني ۽ شاهه محمود قريشي جي ضمانت به منظور ڪري ورتي . دهشتگردي ٽوڙ خاص عدالت جي جج ملڪ آصف ضمانت جي درخواست تي فيصلو ٻڌايو، پي ٽي آءِ جو وڪيل شيراز احمد رانجها عدالت آڏو پيش ٿيو، عدالت پراسيڪيوشن پاران مهلت ڏيڻ واري استدعا رد ڪري ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.