جي ڊي اي جي ڪارڪنن تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا آهن: سردار رحيم

ڪراچي( رپورٽر ) پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل سنڌ جي جنرل سيڪريٽري جي ڊي اي جي اطلاعات سيڪريٽري سردار عبدالرحيم  حر جماعت جي اڳواڻن ۽ پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل جي ڪارڪنن خلاف انتقامي ڪارروائين، ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ، تشدد جي واقعن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي، پنھنجي جاري بيان ۾ سردار عبدالرحيم وڌيڪ چيو ته نوابشاھه ضلعي جي يوسي ڌامراھه ھارائڻ کانپوءِ ڌانڌلي جي پيدوار پيپلزپارٽي وائڙائپ جو شڪار ٿي حر جماعت جي خليفي عبدالستار ڏاھري، نور ڏاھري، جي آر ڏاھري سميت معززين ۽ ڪارڪنن خلاف ڪوڙا ڪيس داخل ڪرايا آھن جڏھن ته ٻئي پاي يوسي عظيم آباد جي صدر محرم ماري تي پيپلزپارٽي جي غنڊن حملو ڪري وحشياڻو تشدد ڪيو آھي، جنھن جي سخت لفظن م مذمت ڪيون ٿا، آءِ جي سنڌ توڙي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کان مطالبو ڪيو ٿا ته نوٽيس وٺي ڪارڪنن خلاف داخل ڪوڙا ڪيس ختم ڪيا وڃن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.