اسلام آباد (م ڊ) آسٽريلوي هاءِ ڪمشنر نيل هاڪنز پاڪستان ۾ عام چونڊن بابت پنهنجي حڪومت جو رد عمل ظاهر ڪيو آهي. آسٽريلوي حڪومت پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته هو پاڪستان ۾ 8 فيبروري تي ٿيندڙ چونڊن جي ابتدائي نتيجن کي ڏسي رهي آهي. آسٽريليا حڪومت بار بار آزاد، غيرجانبدار، منصفاڻي، تصديق ٿيل چونڊون جو مطالبو ڪيو آهي. آسٽريليا عورتن جي رجسٽرڊ ووٽرن جي تعداد ۾ واڌ جي آجيان ڪري ٿي. آسٽريلوي حڪومت جو چوڻ آهي ته افسوس جوڳو آهي ته پاڪستانين کي انهن جي چونڊ ۾ محدود ڪيو ويو، سمورن سياسي پارٽين کي عام چونڊن ۾ حصو وٺڻ جي اجازت نه ڏني وئي.