اسلام آباد (م ڊ ) اليڪشن ڪميشن اسلام آباد جي قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 47 جي نتيجن ۾ مبينا تبديلي بابت رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. اليڪشن ڪميشن پاران اين اي 47 جي ضلعي رٽرننگ آفيسر ۽ آر او کي خط به موڪليو ويو آهي. خط ۾ اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته اين اي 47 تان اميدوار شعيب شاهين الزام هنيو آهي ته نتيجا تبديل ڪيا ويا آهن. ريٽرننگ آفيسر کي موڪليل خط ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ان معاملي تي اليڪشن ڪميشن کي جلد کان جلد رپورٽ موڪلي وڃي. واضح رهي ته پي ٽي آءِ جي حمايت يافته آزاد اميدوار محمد شعيب شاهين قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 47 جو نتيجو اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو هو. شعيب شاهين ريٽرننگ آفيسر جي فيصلي کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو آهي.