لاهور(م ڊ) پاڪستان پيپلز پارٽي مسلم ليگ (ن) کي وفاق، پنجاب ۽ بلوچستان ۾ حڪومت لاءِ گڏيل حڪمت عملي جو روڊ ميپ ڏئي ڇڏيو. پ پ پنجاب ۾ مدد عيوض نواز ليگ کان بلوچستان ۾ حمايت گهري ورتي. مسلم ليگ (ن) جي سربراهه نواز شريف طرفان مرڪز ۾ اتحادي حڪومت جي اعلان کانپوءِ شهباز شريف سرگرم آهي ۽ گذريل رات هن آصف زرداري سان ملاقات به ڪئي. ذريعن موجب پ پ ۽ مسلم ليگ ن جي اڳواڻن وچ ۾ آچر تي ملاقات ۾ اتفاق ڪيو ويو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته پيپلز پارٽي ن ليگ کي وفاق، پنجاب ۽ بلوچستان ۾ حڪومت لاءِ گڏيل حڪمت عملي جو روڊ ميپ ڏئي ڇڏيو. ذريعن موجب پيپلز پارٽي ن ليگ کي يقين ڏياريو آهي ته توهان پنجاب ۾ حڪومت ٺاهيندؤ، اسان توهان جي حمايت ڪنداسين.ذريعن ٻڌايو آهي ته پيپلز پارٽي وڌيڪ تجويز ڏني آهي . بلوچستان ۾ حڪومت ٺاهڻ لاءِ مسلم ليگ پ پ جو ساٿ ڏئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ٻنهي پارٽين جي آزاد ميمبرن سان الڳ الڳ رابطو ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي ۽ اهو به فيصلو ڪيو ويو آهي ته حڪومت سازي ۽ گڏيل اتحاد کان اڳ ميڊيا تي ڪو به بيان نه ڏنو ويندو.
اسلام آباد ( م ڊ) قومي اسيمبلي جي مختلف سيٽن جا نتيجا اچي ويا جڏهن ته قومي سيمبلي جي 10 کن سيٽن جي نتيجن جو اڃا انتظار آهي. قومي اسيمبلي ۾ آزاد اميدار 100 سيٽون کٽي سڀني کان اڳڀرا آهن، ن ليگ 76 پيپلز پارٽي 54 ، ايم ڪيو ايم پاڪستان 17، ق ليگ ۽ جي يو آءِ 3،3 سيٽون حاصل ڪيون آهن جڏهن ته استحڪام پاڪستان پارٽي، مسلم ليگ ضياءَ، اي اين پي، بي اين پي ۽ ايم ڊبليو ايم جي 1،1 سيٽ کٽي آهي. اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل نتيجن موجب، آزاد اميدوار قومي اسيمبليءَ جي 99 تڪن تي ڪاميابي ماڻي سڀني کان اڳتي آهن جڏهن ته 76 سيٽون کٽي ن ليگ سڀ کان وڏي پارٽي بڻجي اُڀري آهي.واضح رهي ته 8 فيبروري تي ملڪ ۾ ٿيندڙ عام چونڊن کانپووءِ اڃا تائين مڪمل نتيجا سامهون ناهن آيا جڏهن ته ڪجهه پارٽين چونڊن ۾ ڌانڌلي جا الزام مڙهي رهيون آهن.