ڪراچي (عوامي آواز نيوز ) ناليواري تجزئي نگار امداد سومري چيو آهي ته پاڪستان ۾ اسٽيبليشمينٽ جيترا به سياسي منصوبا ٺاھيندي آھي، اھي ستر سيڪڙو ناڪام ٿي ويندا آھن، پروجيڪٽ عمران به ان جو مثال آھي، 2018ع ۽ ھاڻوڪيون چونڊون به ان جو مثال آھن. ناليواري تجزئي نگار امداد سومري پنھنجي وي لاگ ۾ ڳالھائيندي چيو آھي ته مسلم ليگ نون اسٽيبلشمينٽ جي بي ٽيم بڻجي وئي ھئي، جيڪا پي ٽي آءِ سان ٿيندڙ اسٽيبلشمينٽ جي زيادتين جي سري عام جلسن ۾ حمايت ڪندي رھي، جنھن سبب کين چونڊن ۾ ناڪامي پلئه پئي. امداد سومري وڌيڪ چيو ته جيتوڻيڪ عمران خان جي ضمانت منظور ٿي وئي آھي، پر ان جو اھو مطلب ناھي ته ھو آزاد ٿي رھيو آھي. ھن چيو ته پي ٽي آءِ لاءِ پنھنجا حمايت يافته آزاد اميدار کي سنڀالڻ وڏو چيلنج بڻيل آھي، ڇا ڪاڻ ته انھن کي خريدڻ لاءِ مسلم ليگ نواز ۽ پي پي پي ميدان ۾ لٿل آھن.