اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان ۾ غير سرڪاري تنظيمون فري اينڊ فيئر اليڪشن نيٽ ورڪ (فافن) چيو آهي ته عام چونڊن جي شروعاتي نتيجن جي تيارين ۽ اعلانن ۾ ادارن پاران چونڊن ۾ منظم ۽ نتيجن جو اعلان ڪيو ويو آهي. ڇنڇر تي اليڪشن 2024ع بابت رپورٽ جاري ڪئي وئي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ڪجهه سياسي پارٽين کي ليول پلينگ فيلڊ نه ملڻ ۽ انتهاپسند تنظيمن جي حملن جي شڪايتن باوجود ڪا به سياسي پارٽي چونڊن جي ڊوڙ ۾ پوئتي نه هٽي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن طرفان ابتدائي چونڊ نتيجن جي تياري ۽ اعلان ۾ دير سان نتيجن جي ساک تي سوال اٿاريا ويا آهن. فافن جو چوڻ آهي ته نگران حڪومت پاران اليڪشن واري ڏينهن موبائل سروس جي معطليِ چونڊ نتيجن جي انتظام جي عمل کي سڌارڻ لاءِ پارلياماني ڪوششن کي نقصان پهچايو آهي.