حليم عادل شيخ متحده اميدوار جي ڪاميابي چئلينج ڪري ڇڏي

ڪراچي( رپورٽر) ڪراچي جي قومي تڪ اين اي 238 ملير تان هارايل پي ٽي آءِ جي حمايت يافته اميدوار حليم عادل شيخ چونڊ نتيجن کي  سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو. حليم عادل شيخ متحده اميدوار صادق افتخار جي ڪاميابي کي ڪالعدم قرار ڏيڻ جي استدعا ڪئي آهي. حليم عادل شيخ درخواست ۾ چيو آهي ته فارم 45 موجب 71 هزار کان وڌيڪ ووٽ کنيا آهن. فارم 47 ۾ نتيجن جي ڦيرڦار ڪندي ايم ڪيو ايم جي اميدوار 54 هزار ووٽن سان ڪامياب قرار ڏنو ويو آهي، متحده اميدوار جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن روڪيو وڃي  .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.