اسلام آباد سميت پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي مختلف شهرن ۾ زلزلي جا لوڏا

اسلام آباد (م ڊ) اسلام آباد سميت پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي مختلف شهرن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا آهن. زلزلي مرڪز موجب زلزلي جي شدت ريڪٽر اسڪيل تي 4.9 هئي. ان جي کوٽائي 142 ڪلوميٽر هئي جڏهن ته مرڪز افغانستان ۾ هندو ڪش علائقو هو.  خيبرپختونخواهه جي پشاور، مهمند، سوات، باجوڙ، خيبرپختونخواهه، لوئر دير، اتر وزيرستان، مالاڪنڊ ۽ مردان ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا. اسلام آباد، راولپنڊي، ميانوالي، خوشاب، سرگوڌا، چکوال ۾ به زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا. ٻئي پاسي  افغان ميڊيا جو چوڻ آهي ته افغانستان جي راڄڌاني ڪابل ۾ به زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا.

ڪي پي جي عوام جذباتي ٿي آزاد اميداورن کي ووٽ ڏنو: ميان افتخار

نوشهره (م ڊ  ) عوامي نيشنل پارٽي جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل ميان افتخار حسين چيو آهي ته پختون خواهه جي عوام جذباتي ٿي پي ٽي آءِ جي حمايتي اميدوارن کي ووٽ ڏنو. نوشهره ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ميان افتخار احمد چيو ته بدقسمتي سان خيبرپختونخواهه تي ٽيون ڀيرو به  نزلو ڪرايو ويو. ميان افتخار حسين چيو ته غير متوقع نتيجا ظاهر ڪن ٿا ته دال ۾ ڪجهه ڪارو آهي، جيڪڏهن پي ٽي آءِ جا آزاد اميدوارن حقيقي معنيٰ ۾ اليڪشن کٽي آهي ته کين مبارڪباد ڏيان ٿو. هن چيوته  اسان پرويز خٽڪ جي فرعونيت جو بت ٽوڙي ڇڏيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته پنجاب ۽ سنڌ ۾ به اهو ئي نتيجو نڪتو جنهن جي پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ ن کي اميد هئي.

8 فيبروري تي انقلاب ۽ عمران خان جي سونامي آئي: عليما خان

اسلام آباد (م ڊ )پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني عمران خان جي ڀيڻ عليما خان چيو آهي ته 8 فيبروري تي انقلاب ۽ پي ٽي آءِ جي باني جي سونامي آئي، هاڻي عوام کي روڪي نٿو سگهجي. عليما خان چيو ته قومي اسيمبلي جي 180 سيٽن تي ڪاميابي جو فارم 45 ڪارڊ آهي، اميدوار فارم 45 جي حفاظت ڪن، هاڻي ثبوت کسڻ لاءِ ڇاپا هنيا ويندا. هن چيو ته 8 فيبروري تي انقلاب ۽ باني پي ٽي آءِ جي سونامي آئي، هاڻي عوام کي روڪي نٿو سگهجي.

پي ٽي آءِ ترت آزاد اميدوارن جي پارٽي بينر جو اعلان ڪندي: ذلفي بخاري

اسلام آباد (م ڊ ) پي ٽي آءِ جي باني عمران خان جي ميڊيا ايڊوائيزر زلفي بخاري چيو آهي ته سندس پارٽي جلد آزاد اميدوارن جي پارٽي بينر جو اعلان ڪندي. ميڊيا سان ڳالهائيندي زلفي بخاري چيو ته پي ٽي آءِ جي حمايت ۾ آزاد اميدوارن جي بينر بابت 24 ڪلاڪن ۾ اعلان ڪيو ويندو. زلفي بخاري چيو ته اسان کي ڪوبه خوف ناهي ته آزاد اميدوار ڪيڏانهن ويندا. زلفي بخاري چيو ته آزاد اميدوار اهي آهن جن گذريل 18 مهينن کان محنت ڪئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.