ڪي پي ۾ حڪومت ٺاهڻ لاءِ پي ٽي آءِ جو جماعت اسلامي سان رابطو

پشاور (م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي حمايت يافته آزاد اميدوارن جي ڪاميابي کانپوءِ پي ٽي آءِ خيبرپختونخواهه ۾ حڪومت ٺاهڻ لاءِ  جماعت اسلامي سان رابطو ڪري ورتو. ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪي پي ڪي جي آزاد ميمبرن حڪومت سازي لاءِ جماعت اسلامي سان ڳالهيون ڪيون. جماعت اسلامي پشاور جي امير بهرالله خان ايڊووڪيٽ خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي پي ٽي آءِ طرفان رابطي جي تصديق ڪئي. بهرالله خان ايڊووڪيٽ چيو ته مان اڳ ۾ پي ٽي آءِ قيادت سان باضابطا رابطي جي تصديق ڪريان ٿو، پي ٽي آءِ جي بئريسٽر سيف جو مون سان رابطو ٿيو آهي. جماعت اسلامي جي اڳواڻ وڌيڪ چيو ته بئريسٽر سيف سان سمورن معاملن تي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي. ياد رهي ته خيبرپختونخواهه اسيمبلي لاءِ هينئر تائين جاري ڪيل نتيجن موجب تحريڪ انصاف جا 81 آزاد اميدوار ڪامياب ٿيا آهن. جمعيت علماءِ اسلام 7، ن ليگ 5، پيپلز پارٽي 4 ۽ جماعت اسلامي 3 سيٽون حاصل ڪيون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.