پي ٽي آءِ پاران قومي اسيمبلي جي 60 سيٽن جي نتيجن کي چئلينج ڪرڻ جو اعلان

اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) قومي اسيمبلي جي 60 سيٽن تي نتيجن کي چئلينج ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي پي ٽي آءِ ترجمان رئوف حسن دعويٰ ڪئي ته سندس پارٽي کان 60 سيٽون کسيون ويون آهن، جنهن خلاف هو ٽربيونل ۽ عدالتن ۾ ويندا. رئوف حسن چيو ته ڏسڻو پوندو ته ايترين سيٽن تي فيصلو ٿيڻ تائين حڪومت ٺاهڻ جو عمل روڪي سگهجي ٿو يا نه، پنجاب ۾ حڪومت ٺاهڻ جي ڪوشش ضرور ڪنداسين، ڪي پي ڪي ۾ اسان جي حڪومت  ٺهي وئي آهي. هن چيو ته ڪجهه تڪن جا فارم 47 نه ڏنا ويا، اٽڪل 60 سيٽون اسان جون آهن، جيڪي اسان کان کسيون ويون، اسان واپس وٺنداسين، ثبوت پيش ڪرڻ ۾ دير نه ڪنداسين، ٽربيونل جلد فيصلو ڪري.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.