سکر (رپورٽ:آزاد مهر) عام چونڊن 2024ع ۾ ٿيل مبينا ڌانڌلي خلاف جي يو آءِ سنڌ جي جنرل سيڪريٽري علامه راشد محمود سومرو، علامه ناصر محمود سومرو جي اڳواڻي ۾ جمعيت علماءِ اسلام ضلعي سکر جي ڪارڪنن جي وڏي انگ آءِ بي اي پبلڪ اسڪول ملٽري روڊ سکر ٻاهران ريلي ڪڍي. احتجاجي ڌرڻو هڻي اليڪشن ڪميشن سميت انتظاميا خلاف سخت نعريبازي ڪئي، مظاهري ۾ جمعيت علماءِ اسلام ضلعي سکر جي سيڪريٽري جنرل حضرت مولانا محمد صالح انڍڙ، مفتي سعود افضل هاليجوي، جي يو آءِ جي نامزد اميدوار مير مبين خان بلو ، امير بخش عرف مير مهر،غلام الله هاليجوي، حافظ عبدالحميد مهر، قاري لياقت علي مغل،مفتي اعظم مهر ۽ ٻيا شامل هئا، ريلي ۾ شريڪ ماڻهن جي هٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ جي يو آءِ جا جهنڊا کنيا هئا، ان موقعي تي اڳواڻن مظاهري کي خطاب ڪندي چيو ته هي اليڪشن نه پر سليڪشن آهي. جيڪا قبولڻ جوڳي ناهي، اليڪشن ڪميشن سمورن تڪن تي من پسند نتيجن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، جيڪو عوام جي ووٽن جي خيانت آهي، ووٽ ملڪ جي امانت آهي، انتهائي افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته پرزائيڊنگ آفيسر طرفان ايجنٽن کي فارم 45 به نه ڏنو ويو، علامه راشد محمود سومرو چيو ته اليڪشن ڪميشن اسان جو مينڊيٽ چوري ڪيو آهي. پولنگ ايجنٽن جي شڪايت تي سڄي سنڌ ۾ پولنگ اسٽيشنن تي کين ڌمڪايو ويو، خاص ڪري سکر جي تڪ پي ايس 22 ۾ اسان جي اميدوار کي ڄاڻي واڻي هارايو ويو آھي ۽ کٽيل ووٽ ضايع ڪيا ويا، اسان هن ڌانڌلي واري اليڪشن کي رد ڪريون ٿا. اسان مٿين اختيارين کان مطالبو ٿا ڪريون ته اليڪشن ڪميشن سکر طرفان ڪيل ڌانڌلي واري عمل جو فوري طور تي نوٽيس ورتو وڃي ۽ پي ايس 22 سميت ٻين تڪن ۾ ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ ڪرائي عوام ۽ ڪارڪنن ۾ پکڙيل بيچيني کي ختم ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.