عون چوڌري بابت پوسٽ تي غلط ڪمينٽس تي نور بخاري ڏمرجي پئي

لاهور (م ڊ) پاڪستان شوبز انڊسٽري جي اڳوڻي اداڪاره نور بخاري پنهنجي مڙس عون چوڌري جي عام چونڊن ۾ ڪاميابي کان پوءِ غلط  ڪمينٽس ڪرڻ تي سخت تنقيد ڪئي آهي. اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب نور بخاري جي مڙس عون چوڌري لاهور جي تڪ اين اي 128 تان ڪاميابي حاصل ڪري ورتي آهي. مڙس جي ڪاميابي کان پوءِ اداڪاره جي سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل پوسٽ تي صارفين طرفان نامناسب تبصرا ڪيا ويا جنهن تي نور بخاري انسٽاگرام اسٽوري ۾ غلط ڪمنٽس ڪندڙن کي سخت تنقيد جو نشانو بنايو آهي. نور بخاري ڪنهن جو به نالو کڻڻ کان سواءِ لکيو آهي ته صارفين پنهنجي ڪاوڙ منهنجي پوسٽ تي نه ڪڍن مهرباني ڪري پنهنجي سوچ کي پاڻ تائين محدود رکو. هن لکيو ته جنهن شخص کي پنهنجي گهر اندر ماني سان گڏ مليل ٻوڙ ۾ ٻئي ٻوٽي  به نٿي ملي اهو به سوشل ميڊيا تي اچي مشهور شخصيتن جي خلاف لکندو آهي. اهڙا ماڻهو پنهنجي ڪاوڙ شوبز شخصيتن جي سوشل ميڊيا پوسٽن تي ڪڍندا آهن.ياد رهي ته اداڪاره پنهنجي مڙس عون چوڌري جي فتح جي اعلان کان پوءِ ان جي تصوير انسٽاگرام تي شيئر ڪئي هئي جنهن کان پوءِ هن پوسٽ جي ڪمنٽس جو آپشن بند ڪري ڇڏيو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.