اسلام آباد: (م ڊ) اليڪشن ڪيمشن عام چونڊن دوران ڊيوٽي تي مقرر پوليس آفيسر کي چماٽ هڻڻ واري معاملي تي استحڪام پاڪستان پارٽي جي اڳواڻ فردوس عاشق اعواڻ کي طلب ڪري ورتو آهي. اليڪشن ڪميشن طرفان سومر ڏهاڙي فردوس عاشق اعواڻ ۽ لاڳاپيل پوليس آفيسر کي طلب ڪيو ويو آهي. ياد رهي ته فردوس عاشق اعواڻ سيالڪوٽ ۾ هڪ پوليس اهلڪار کي چماٽ هنئي هئي جنهن جو ڪيس پڻ داخل ڪيو ويو آهي.