آر اوز غائب آهن، سندن فون بند آهن ۽ گهرن ۾ به موجود ناهن: تيمور سليم

اسلام آباد (م ڊ)  پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ تيمور سليم جهڳڙا چيو آهي ته آر اوز غائب آهن، سندن فون بند آهن ۽ هو گهرن ۾ به موجود  نه آهن. اليڪشن ڪميشن ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي تيمور سليم جهڳڙا چيو ته پي ٽي آءِ سڄي خيبرپختونخواهه ۾ سوئيپ ڪري ڇڏيو آهي.  پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته فارم 45 کي هڪ طرف رکي فارم 47 جو نتيجو ٺاهيو ويو آهي. منهنجي مخالف اميدوار 16 سئو ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي آهي. تيمور سليم جهڳڙا چيو ته مون وٽ سمورا فارم 45 آهن، مون اليڪشن ڪميشن ۾ درخواست ڏني آهي. هن چيو ته نور عالم خان کي به نوازيو ويو، هن هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.