ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ نمائش چورنگي تي تحريڪ لبيڪ پاڪستان (ٽي ايل پي) جي ڪارڪنن ۽ پوليس وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو، پوليس ڪارڪنن کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ شيلنگ پڻ ڪئي. تحريڪ لبيڪ پاران سنڌ اليڪشن ڪميشن ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ٽي ايل پي پاران سمورن ڪارڪنن کي نمائش تي گڏ ٿيڻ جو چيو هو، پر اهڙي اعلان کانپوءِ پوليس پاران وڏي نفري مقرر ڪئي وئي، جڏهن ڪارڪنن نمائش سگنل، نشتر پارڪ ۽ سولجر بازار ۾ گڏ ٿيا ته پوليس شيلنگ ۽ لاٺي چارج ڪيو. جنهن سبب مظاهرين ڇڙوڇڙ ٿي ويا. ان دوران 10 ڄڻن کي حراست ۾ به ورتو ويو.