ڪراچي ( رپورٽر) پي ٽي آءِ ۽ جماعت اسلامي پاران عام چونڊن ۾ مبينا ڌانڌلي خلاف ڪراچي ۾ صوبائي اليڪشن ڪميشن آفيس ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جڏهن اڄ ڪراچي جي 7 ئي ضلعن ۾احتجاج ڪرن جو اعلان ڪيو ويو آهي. ان موقعي جماعت اسلامي ڪراچي جي امير حافظ نعيم الرحمن خطاب ڪندي چيو ته اليڪشن واري ڏينهن ملڪ ۾ موبائل نيٽ ورڪ بند ڪري وڏي ڌانڌلي جو منصوبو جوڙيو ويو، هن چيو ته ڪجهه سياسي پارٽيون اليڪشن نه پيون ڪرائڻ چاهين، هن چيو ته اليڪشن ڪميشن ڪراچي کي زبردستي دهشتگردن حوالي ڪري رهي آهي، هڪ ڀيرو ٻيهر بلديا ٽائون فيڪٽري ۾ اڍائي سئو کان وڌيڪ زنده انسانن کي ساڙيندڙ دهشتگردن حوالي ڪيو پيو وڃي. هن چيوته اليڪشن ڪميشن ڪراچي کي ڪراچي ۾ ٻوري بند لاش ڏيندڙن حوالي ڪيو آهي، پر اسين ڪراچي کي دهشتگردن حوالي نه ڪرڻ ڏينداسين. حافظ نعيم چيو ته اليڪشن ڪميشن ڄاڻي واڻي ڪراچي ۾ ٻوري بند لاش ڏيندڙن توڙي ڀتا خوري ۾ ملوث شخصيتن کي ڪامياب قرار ڏنو ويو آهي، پورو پاڪستان ڄاڻي ٿو ڪٿي جعلي ووٽ وڌا ويا ڪٿي زبردستي ٺپا هنيا ويا. هن چيو ته پيرين اگهاڙي ايندڙ ڪراچي جا مالڪ بڻجي رهيا آهن. هن الزام هنيو ته ڪراچي جي ڪيترن ئي پولنگ اسٽيشنن تي جعلي ووٽ وڌا ويا، قومي اسيمبلي توڙي صوبائي اسيمبلي ۾ ايم ڪيو ايم جا 10 هزار به ووٽ ناهن، هن چيو ته پي ٽي آءِ جو به ڪيس جماعت اسلامي وڙهندي. ڪراچي ۾ بدترين ڌانڌلي خلاف سموري ملڪ ۾ احتجاج ڪنداسين، اسان قوم جي مستقبل لاءِ وڙهي رهيا آهيون، اسان جو جهيڙو ڪنهن به پارٽي سان ناهي. حافظ نعيم الرحمان اڄ ڪراچي جي ستن ئي ضلعن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو ته اڄ آچرٽيهر ضلعي ۾ ڪارڪن اليڪشن ۾ مبينا ڌانڌلي خلاف روڊن تي نڪري اچن.